”را“ سان لاڳاپا ۽ رياست مخالف سازش جا الزام رد، جوابدار جي سزا ختم

”را“ سان لاڳاپا ۽ رياست مخالف سازش جا الزام رد، جوابدار جي سزا ختم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀارتي ڳجهي تنظيم ”را“ جي مبينا ايجنٽ محمد سليم جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي رياست خلاف سازش ۽ هٿياربند جارحيت جي الزامن هيٺ ڏنل عمر قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. عدالت ڌماڪيدار مواد رکڻ جي الزام ۾ جوابدار جي عمر قيد جي سزا گهٽائي 10 سال قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي، جڏهن ته غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا برقرار رکي. عدالت قرار ڏنو ته جوابدار جي ڀارت وڃڻ جي سفري تاريخ ”را“ سان لاڳاپن يا رياست خلاف سازش جو ثبوت نٿي بڻجي. استغاثه مبينا ساٿين سان رابطن، سازش يا رياست خلاف جنگ جي تياري بابت قابلِ اعتماد شاهديون پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڌماڪيدار مواد ۽ هٿيارن جي برآمدگي سان پاڻمرادو دهشتگردي جو ڏوهه ثابت نٿو ٿئي، پر دهشت پکيڙڻ جو مخصوص ارادو ۽ مقصد ثابت ڪرڻ ضروري آهي. سرڪاري وڪيل موجب 7 آڪٽوبر 2024ع تي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ منهوڙي ۾ ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو هو، جنهن جي قبضي مان پستول، ڌماڪيدار مواد، آوان بم، راڪيٽ لانچر ۽ ٻه پاسپورٽ هٿ ڪيا ويا هئا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار کي ٽن ڀيرن عمر قيد ۽ ٻين الزامن ۾ 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جڏهن ته جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو هو ته مٿس لڳايل سمورا الزام بي بنياد ۽ بي ثبوت آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو