ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار رپورٽ سامهون اچي وئي، جنهن موجب ڪاروباري هفتي دوران شيئرز مارڪيٽ ۾ مثبت لاڙو رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هلندڙ هفتي 100 انڊيڪس 4 هزار 34 پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 66 هزار 409 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 6 هزار 233 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، جڏهن ته انڊيڪس جي هفتيوار بلند ترين سطح هڪ لک 67 هزار 483 ۽ گهٽ ۾ گهٽ سطح هڪ لک 61 هزار 250 پوائنٽس رهي. شيئرز مارڪيٽ ۾ هن هفتي 2.99 ارب شيئرز جا سودا 115 ارب رپين ۾ طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن هفتي دوران 374 ارب رپيا وڌي 18 هزار 388 ارب رپيا ٿي وئي.










