سکر (جئيرام داس ) ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ ناياب پکين جي غير قانوني شڪار کي روڪڻ لاءِ سکر ڊويزن جي ٽنهي ضلعن سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ جهنگلي پکين جي شڪار، پڪڙڻ، ڄار وڇاڻڻ ۽ غير قانوني فائرنگ تي 90 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ضابطہ فوجداري جي قلم 144 تحت 28 آڪٽوبر 2026ع کان پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق خلاف ورزي ڪندڙن خلاف تعزيرات پاڪستان جي قلم 188 تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي خلاف ورزي تي شڪايتون داخل ڪرڻ جو اختيار به ڏنو ويو آهي، اھڙي قدم جو مقصد جهنگلي جيوت جو تحفظ، ناياب پکين جي نسلن جي بقا ۽ غير قانوني شڪار جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ آهي.










