گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي  کي نقصان پهچي ها

گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي کي نقصان پهچي ها

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گورنر راج ۽ ايمرجنسي جو فيصلو عوام جي حياتين، معيشت ۽ خيبرپختونخواهه کي محفوظ رکڻ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو. گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته خيبرپختونخواهه کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهيو ٿي.خيبرپختونخواهه جي پارلياماني پارٽي کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت ڳالهين جي ذريعي معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي مقصد جي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) تي ٻڌل ڪميٽي 48 ڪلاڪن تائين ڳالهيون ڪيون، پر گهربل اڳڀرائي نه ٿي سگهي جنهن کان پوءِ صوبي ۾ گورنر راج ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه کي اين ايف سي ايوارڊ جي تحت هينئر تائين 800 ارب روپيه ملي چڪا آهن، سوال اهو آهي ته اتي ڪيترا سيف سٽي منصوبا ٺاهيا ويا؟ ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري اداري کي ڪيترو مضبوط ڪيو ويو؟ هن چيو ته هڪ پارٽي 13 سال حڪومت جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ويون ته ايترا ڊيمز، اسپتال ۽ اسڪول ٺاهيندا پر صوبي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو ويو. صوبي ۾ پوليس جون 5 هزار جڳهيون خالي آهن، صوبي ۾ عوامي خدمت جي بجاءِ سياسي نعرن ۽ ورهاست تي ڌيان ڏنو ويو. پشاور کان ڪوهستان، هزاره ۽ ڏاکڻي ضلعن تائين عوامي مسئلن کي نظر انداز ڪيو ويو.شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ڳرو جاني ۽ معاشي نقصان کنيو. عوام، پوليس، فوج ۽ سياسي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون. 2018 ۾ پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي ويو هو، نوازشريف جي دور ۾ پوري قوم ۽ رياستي ادارن گڏجي انهي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو.هن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي پشاور جو ذڪر ڪندي چيو ته معصوم ٻارن جي شهادت جو انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو اڄ به ذهنن ۾ تازه آهي، اهو سانحو تاريخ ۾ هڪ المناڪ باب جي طور تي هميشه ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته 2019 ۽ 2020 ۾ افغانستان من دهشتگردن کي واپس آڻي رهايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي ٻيهر وڌي ۽ پاڪستان کي ڳرو نقصان کڻڻو پيو. حڪومت دهشتگردي جي خلاف ماضي جيان گڏجي مقابلو ڪرڻ جي دعوت ڏني پر انهي جي ڳالهه نه ٻڌي وئي.هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف موثر ڪارروائي جي لاءِ پوليس کي جديد هٿيارن سان ليس ڪرڻ، اهلڪارن جي تربيت ۽ دهشتگردي خاتمي واري ادارن کي مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل اڍائي سالن جي دوران ملڪ ۾ لانگ مارچ ۽ ڌرڻن جي سياست ڪئي وئي. 2014 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڌرڻي سبب چيني صدر شي جن پنگ جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيو پر اهو اپريل 2015 ۾ پاڪستان آيو ۽ اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.وزيراعظم چيو ته عالمي حالتن ۽ عرب ملڪن ۾ جاري جنگ سبب توانائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو پر حڪومت پريشانين جي باوجود عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ فيول سبسڊي اسڪيم شروع ڪئي، موثر سائيڪلن، چنگچي رڪشائن ۽ 800 سي سي ٽائين جي گاڏين جي صارفين لاءِ متعارف ڪرايل اسڪيم مان هينئر تائين هڪ ڪروڙ 30 لک ماڻهو فائدو حاصل ڪري چڪا آهن حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ 75 ارب روپيه مقرر ڪيا آهن.شهباز شريف چيو ته غريب ماڻهو کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي معيشت کي عدم استحڪام کان بچائڻ جي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت نٿي چاهي ته ملڪ ٻيهر معاشي بحران ۽ ڊيفالٽ جي خطري ۾ مبتلا ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو