ايڊز متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ، 3900 مريضن سان سنڌ اڳتي

ايڊز متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ، 3900 مريضن سان سنڌ اڳتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٻارن ۾ ايڊز جي ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جا انگ اکر قومي صحت واري وزارت قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا. رپورٽ موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 3900 ٻار ايڊز ۾ مبتلا آهن، پنجاب ۾ 1765، خيبرپختونخوا ۾ 139، بلوچستان ۾ 46، اسلام آباد ۾ 30، آزاد ڪشمير ۾ 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ ٻار ايڊز جو مريض آهي. پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر شرميلا فاروقي جي سوال تي وفاقي صحت واري وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ٻڌايو ته ايڇ آءِ وي جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن قدم کنيا آهن. سيپٽمبر 2026ع جي جائزي واري رپورٽ موجب ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي مريضن جو انگ 4 لک 17 هزار 214 آهي، جن مان 92 هزار 148 رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته 67 هزار 878 مريض اينٽي ريٽرو وائرل ٿراپي (اي آر ٽي) ڪرائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو