آخر جسٽس محسن اختر ڪياني استعفيٰ ڇو ڏني؟

آخر جسٽس محسن اختر ڪياني استعفيٰ ڇو ڏني؟

اعجاز ممنائي
صدر پاڪستان جي نالي 28 آڪٽوبر 2026 تي لکيل استعفيٰ ۾ هن ذاتي سببن، تازي سرجري کانپوءِ صحت جي مسئلن ۽ عدالتي آزادي بابت تحفظات کي استعفيٰ جا سبب قرار ڏنو آهي۔استعفيٰ جي متن مطابق، جسٽس محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏيندي چيو ته هن پنهنجي عدالتي دور ۾ 23 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جا فيصلا ڪيا ۽ آئين جي بالادستي، بنيادي حقن جي تحفظ ۽ بنا خوف ۽ دٻاءَ جي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪم ڪيو۔هن پنهنجي خط ۾ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن تي تحفظات جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته انهن تبديلين سان هاءِ ڪورٽس جي آزادي ۽ ادارتي خودمختياري متاثر ٿي آهي۔ سندس مطابق عدالتي ادارن تي انتظاميه جو وڌندڙ اثر رسوخ، خاص طور تي ججن جي مقرري ۽ بدلي جي معاملن ۾ مداخلت، عدليه جي آزادي ۽ انصاف جي عمل جي غير جانبداري تي عوامي اعتماد کي نقصان پهچائي رهي آهي۔
جسٽس محسن اختر ڪياني عام سائلين کي درپيش مشڪلاتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انصاف جي حصول جا خواهشمند شهرين جي ضرورتن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه ٻيا فريق هن نظام مان فائدو وٺي رهيا آهن۔استعفيٰ ۾ هن وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن ۾ سندس ضمير کيس بطور جج ڪم جاري رکڻ جي اجازت نٿو ڏئي۔ سندس چوڻ مطابق، عدالتي عهدي جو بنيادي تقاضو عدليه جي آزادي، آئين سان وفاداري ۽ انساني وقار جو تحفظ آهي۔ جسٽس محسن اختر ڪياني خط ۾ اعلان ڪيو ته هو عدالتي عهدو ڇڏي ٻيهر وڪالت جي شعبي سان وابسته ٿيندو، جتي هو عوام جي خدمت، سندن حقن جي تحفظ ۽ قانوني شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکندو۔
پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ هڪ ٻيو وڏو موڙ 28 آڪٽوبر 2026 تي آيو جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي۔ هي استعفيٰ رڳو هڪ جج جو ذاتي فيصلو ناهي پر ملڪ ۾ عدليه جي آزاديء تي هلندڙ بحث جو سڀ کان وڏو ثبوت بڻجي وئي آهي۔توڙي جو استعفيٰ جا سبب سندس پنهنجي مصروفيت ٻڌائي پئي وڃي پر ان پٺيان ٻيا به سبب ٿي سگهن ٿا جن ۾ هن لکيو ته تازي سرجري کان پوءِ صحت جا مسئلا درپيش آهن۔ “موجوده حالتن ۾ منهنجو ضمير مون کي بينچ تي وڌيڪ خدمتون جاري رکڻ جي اجازت نٿو ڏئي۔” 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن تي تحفظات سڀ کان اهم نڪتو آهي۔ هن چيو ته انهن ترميمن هاءِ ڪورٽس جي آزادي ۽ ادارتي خودمختياري کي سخت متاثر ڪيو آهي۔ *”مون عدليا جي ادارن تي ايگزيڪيوٽو جي وڌندڙ ڪنٽرول کي ڏٺو آهي جيڪو هاڻي ججن جي مقرري ۽ بدلي تائين پکڙجي چڪو آهي”
هن لکيو ته ان وڌندڙ انتظامي اثر رسوخ سان انصاف جي نظام تي عوامي اعتماد کي نقصان پهتو آهي۔جسٽس ڪياني پاڪستان جي انهن ججن مان آهي جن کي هميشه بهادر ۽ اصول پسند جج طور ياد رکيو ويندو۔ کيس 23 ڊسمبر 2015 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو هو ۽ سندس رٽائرمينٽ 11 فيبروري 2032 تي ٿيڻي هئي۔ يعني هو 6 سال اڳ ئي مستعفي ٿي ويو۔ پنهنجي عدالتي ڪيريئر ۾ هن 23 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جا فيصلا ڪيا۔ هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انهن ڇهن ججن ۾ شامل هو جن مارچ 2024 ۾ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکي عدالتي معاملن ۾ انٽيليجنس ادارن جي مبينا مداخلت جي نشاندهي ڪئي هئي۔ جبري گمشدگين ۽ شهري آزادين جي ڪيسن ۾ سندس فيصلا تمام گهڻا مشهور آهن۔ اپريل 2026 ۾ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي اڪثريتي فيصلي تحت کيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان لاهور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيو ويو هو۔ هن بدلي سان سندس سينيارٽي سخت متاثر ٿي۔ هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سينيارٽي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي هو پر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اچي 12 هين نمبر تي هليو ويو۔
گذريل ڏينهن ئي نئين روسٽر تحت کيس لاهور هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ تان راولپنڊي بئنچ ۾ سنگل بئنچ جي ذميواري ڏني وئي هئي، جنهن جي ٻئي ڏينهن ئي هن استعفيٰ ڏئي ڇڏي۔ جسٽس ڪياني پنهنجي استعفيٰ ۾ واضح ڪيو آهي ته هو هاڻي ٻيهر وڪالت جي شعبي ۾ واپس اچي عوام جي حقن جي تحفظ ۽ قانوني شعور کي اجاگر ڪندو۔ هي استعفيٰ اهڙي وقت ۾ آئي آهي جڏهن سپريم ڪورٽ جا سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله به مبينا طور تي آئيني ترميمن خلاف مستعفي ٿي چڪا آهن، جنهن سان پاڪستان جي اعليٰ عدليا ۾ هڪ وڏي بحران جي نشاندهي ٿئي ٿي۔

پهنجو تبصرو موڪليو