ڪڻڪ سستي اٽو مهانگو :نيتن جي کوٽ !

ڪڻڪ سستي اٽو مهانگو :نيتن جي کوٽ !

غلام حسين لغاري
هونئن ته پوري ملڪ ۾ اٽي جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن پر سنڌ جي خاص ڪري شهري علائقن ۾ اٽو ٻن سئو رپين کي وڃي لڳو آهن جنهن عام ماڻهو کي ذهني پريشانين طرف ڌڪي ڇڏيو آهي۔اٽو مهانگو ٿيڻ ڪري تندوري مانيون به وڃي پنجاهه سٺا کي لڳيون آهن پوء به حڪمرانن کي عام ماڻهو جي تڪليفن جو ڪوبه خيال ناهي رهيو رڳو سبسڊي مٿان سبسڊي ڏيڻ جو ناٽڪ رچائي خزاني تي بار وڌو پيو وڃي۔عوام جو ڌيان هٽائڻ لاء ڪڏهن نون صوبن جي قيام ته ڪڏهن به منشيات ته ڪڏهن پاڻي تي پنجاب جي قبضن جو راڳ آلاپيو پيو وڃي
ملڪ بلخصوص سنڌ ۾ نه ڪڻڪ جي کوٽ آهي نه وري ڪڻڪ جي اٽي جي۔جيڪڏهن ڪا کوٽ آهي ته حڪومت ۽ واپارين جي نيت ۾ کوٽ آهي جن ڪڻڪ جي کوٽ جو بهانو بڻائي ڪڻڪ جي آبادگارن ۽ فلور ملن کي اربين رپين جي بيجا سبسڊي ڏئي مارڪيٽ مهانگي بڻائي ڇڏي آهي۔مرد ته مرد جيڪي اڳ ۾ گهر ويٺي زالن کي ملندڙ بينظير انڪم سپورٽ جي پئسن جو انتظار ڪندا هئا سي هاڻ وري زراعت کاتي مختيارڪارن ۽ تپيدارن جي درن تي رلندي پنندي ڪڻڪ سبسڊي پئسن لاء نظر اچن ٿا۔جڏهن اربين رپين جو خزانو خالي ٿيندو ته لازمي آ ڪڻڪ ۽ انجو اٽو به مهانگو ٿيندو
گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي في ايڪڙ توڙي مجموعي پئداوار ۾ اضافو ڏيکاريو آهي ۽ اهي سبب پڌرا ڪيا ته آبادگارن کي ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي خريدار جي مد ۾ ايتري ته رعايت ڏني ۽ نقد رقم ڏني آهي جنهن سان آبادگارن جي حوصله افزائي ٿي انهن وڌيڪ ڪڻڪ پوکي پئداوار وڌائي آهي۔جيڪڏهن ايراضي ۽ پئداوار ٻئي شيون وڌيون ته پوء ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي انجي کوٽ ڇو پئدا ٿي مارڪيٽ ۾ اٽو ڪهڙي سبب مهانگو ۽ عوام جي پهچ کان پري ۽ قوت خريد ڇو گهٽي۔ان ڳالهه تي سوچڻ گهرجي۔جڏهن ملڪ ۾ ديسي ڪڻڪ جون گهٽ پئداوار ڏيندڙ جنسون هيون تڏهن به ڪڻڪ ۽ انجي اٽي جي ڪا کوٽ نه ٿي تڏهن ته اٽو ٻه اڍائي رپيا مڻ ملندو هو جيڪو هاڻ ڇهه ست هزار مڻ کان به ٽپي ويو آهي عوام بک پيو مري۔
سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ انجي اٽي جي ڪا به کوٽ ناهي بلڪه هٿ سان پئدا ڪئي وئي آهي جنهن جو وڏو سبب فلور مل مالڪن ۽ واپارين کي مالي فائدو پهچائڻ آهي۔واپاري يا مل مالڪان ڪنهن کان به ڪي لڪيل ناهن وقت جي حڪمرانن جا پئدا ڪيل پنهنجا ئي آهن جيڪي ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪري هٿرادو کوٽ پئدا ڪن ٿا يا وري پاڙيسري ملڪن کي وڪرو ڪن ٿا۔ويجهڙائي وارن گذريل ڪجهه سالن دوران ڪڻڪ جا وڏا اسڪينڊل سامهون آيا جن ۾ لکين مڻ ڪڻڪ سرڪاري گدامن مان چوري يا غائب ٿي آهي جن جا الزام خوراڪ کاتي جي وزيرن ۽ ڪامورن ٿي لڳا پر ڪو به خاطرخواه احتساب ٿيندي نظر نه آيو نه وري ڪنهن کي واقع قرار سزا ملي يا پئسا ڀرايا ويا۔اهي به اطلاع شهن ته جن به رجسٽرڊ آبادگارن کي ڪڻڪ سبسڊي ملي تن ته ڪڻڪ پوکي ئي نه هئي نه وري اهڙن آبادگارن جي ڪڻڪ سرڪاري رڪارڊ تي نه چڙهي وري به اهڙن آبادگارن کي هن سال به سبسڊي ڏني ويندي۔جڏهن سبسڊي حاصل ڪندڙ آبادگارن جو موقف ورتو ويو ته سندن چوڻ هو ته انهن ڪڻڪ پوکي پر وقت سر خريداري شروع نه ٿيڻ ڪري سرڪار بدران نجي واپارين کي وڪرو ڪئي۔ممڪن آهي سندن موقف درست به هجي پر نه ان ۾ ڪجهه غلط اندازا به ٿي سگهن ٿا جنهن ۾ لابارن کان اڳ طوفانن برساتن ۽ ڳڙن به نقصان پهچايو۔
ڪڻڪ جي کوٽ ۽ اٽي جي وڌندڙ اگهن جو هڪ ٻيو سبب اهو به آهي جو جڏهن ديسي جنسون هيون تڏهن آدمشماري ڪجهه ڪروڙ هوندي هئي پوکي لاء پاڻي به موجود رهندو هو ڪچو هر سال ٻڏندو هو ٿر ڪاڇو وسندو هو هاڻ آدمشماري پنجويهه ڪروڙن کان ٽپي چڪي آهي۔ڪڻڪ جون بي سواد جنسون پوکجن ٿيون جنهن لحاظ کان به آدمشماري موجب پئداوار نٿي لهي جنهنڪري ٻاهران به ڪڻڪ گهرائڻي پوي ٿي جنهنڪري به اٽي جي اگهن تي فرق پوي ٿو۔جيڪڏهن حڪومت آبادگارن کي ٻج ڀاڻ لاء سبسڊي ڏئي ٿي ته عام واهپيدار کي اٽي جي خريداري ۾ سبسڊي ڇو نٿي ڏئي۔روز ٽي سئو ڏهاڙي ڪمائي ڪندڙ پورهيت ڪيئن اٽو وٺندو يا پنهنجو ۽ ٻارڙن جو علاج ڪرائيندو۔انساني جانيون بچائڻيون آهن ته اٽي جا راشن دڪان کوليا وڃن جتان هر ڏينهن لاء في گهر ڀاتي جي لحاظ کان ٻيو نه صحيح ڏيڍ پاء اٽو سبسڊي طور سستي اگهه تي ڏنو وڃي۔سبسڊين وارا اجايا ٻيا ڊراما رچائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي۔ٻج ڀاڻ زرعي دوائون سولر زرعي مشينري جا اگهه گهٽائڻ گهرجن۔زرعي اقتصادي ڪائونسل کي فعال بنائڻ گهرجي آدمشماري جي بنياد تي گهرج ۽ کپت تحت ڪڻڪ سميت هر فصل پوکڻ ڀاڄيون ميوا پوکڻ ۽ انهن جي پئداوار گهرجي۔عوام کي کاڌ خوارڪ شين تان سمورا ٽئڪس ختم ڪري يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪرڻ گهرجن جتي اٽو گهٽ اگهه پوءبه پنجاهه رپيا في ڪلو هجڻ گهرجي۔

پهنجو تبصرو موڪليو