اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف معيشت ۽ گورننس ۾ مصنوعي ذهانت(اي آءِ) ڊيجيٽائزيشن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال تي زور ڏيندي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي علي بابا جي تعاون سان جاري قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ منعقد جائزه اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي، برآمدات ۾ اضافي، زرعي شعبي جي جديد ڪاري، صحت جي سهولتن ۾ بهتري ۽ سرڪاري خدمتن کي موثر بنائڻ جي لاءِ جاري قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽائزيشن، مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو موثر استعمال پاڪستان ۾ واپار، برآمدات، زرعي پيداوار، ڪاروباري سهولت ۽ سرڪاري خدمتن جي معيار کي بهتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن جو چوڻ هو ته ملڪي ترقي جو راز مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽائزيشن جي موثر استعمال ۾ آهي.وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ زرعي شعبي کي جديد طريقي سان سنوارڻ ضروري آهي، هن علي بابا طرفان پاڪستاني زرعي جنسن کي چيني منڊين ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ انهي جي برآمدات ۾ معاونت کي خوشي جوڳو قرار ڏنو، هن زرعي شعبي ۾ آٽو ميشن کي هٿي ڏيڻ جي لا3 به تعاون جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته علي بابا جي تعاون سان ڪينسر جي اڳواٽ سڃاڻپ جي نظام کي جلد يقيني بنايو وڃي ته جيئن جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي بيماري جي وقت تي سڃاڻپ ۾ مدد ملي سگهي. هن انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان جاري پروگرام اگنائيٽ ۽ علي بابا جي ڀائيواري سان آئي ٽي گريجوئيٽس جي لا مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ 15 ڏينهن جو تربيتي پروگرام جلد شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. انهي قدم جو مقصد نوجوان آئي ٽي ماهرن جي صلاحيتن ۾ اضافو ۽ انهي کي جديد ٽيڪنالاجي جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. وزيراعظم آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) کي علي بابا جي تعاون سان پيٽروليم شين جي سپلائي چين جي نگراني لاءِ ڊيٽاايناليٽڪس جو نظام جلد متعارف ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي. انهي نظام سان سپلائي چين جي نگراني ۽ لاڳاپيل ڄاڻ جي تجزيي ۾ مدد ملڻ جو امڪان آهي.هن ايڪسپورٽ پروموشن بورڊ کي به هدايت ڪئي ته ملڪي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ علي بابا سان گڏجي موثر تعاون يقيني بنايو وڃي، ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي منڊين تائين پهچ ڏيڻ جا موقعا وڌائي سگهجن. وزيراعظم ٻڌايو ته منهنجي چين جي دوري دوران هانگڙو ۾ علي بابا جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڪمپني سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون هيون. اجلاس ۾ انهي تعاون جي تحت مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ لاڳاپيل قدمن کي جلد عملي شڪل ڏيڻ تي به زور ڏنو ويو.حڪومت طرفان اهڙن قدمن کي پاڪستان ۾ ڊيجيٽل معيشت کي هٿي، برآمدات ۾ اضافي، نوجوانن کي جديد مهارتن جي ترقي ۽ سرڪاري، ڪاروباري نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.










