ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پنهنجي آفيس، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، جتي هن مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن مسئلن ۽ مشڪلاتن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي عوامي مسئلن جي فوري ۽ اثرائتي حل لاءِ وقت سر حڪم جاري ڪيا ۽ ضروري قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن وفدن کي سندن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڪرائيندي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌ حڪومت عوامي مسئلن جي حل، شهرين کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي خاتمي ۽ سرڪاري معاملن جي اثرائتي انجام ڏيڻ لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم جاري رکندي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي شڪايتن جو وقت سر خاتمو ۽ سندن مسئلن جو حل حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي.










