يروشلم(ويب ڊيسڪ) اڱاري جي رات اسرائيل ۾ ٿيل چونڊن جي ايگزٽ پولز مان ظاهر ٿيو ته ڪنهن به ڌر واضح ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي. نه وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ نه ئي سندس مکيه مخالف گادي آئزنڪوٽ 120 رڪني پارليامينٽ (ڪنيست) ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل 61 سيٽن جي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نظر اچن ٿا.
اسرائيل جي چينل 13 موجب ووٽن جي گهڻي ڀاڱي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي متناسب نمائنسگي جي قاعدن مطابق نيتن ياهو ۽ سندس اتحادين کي53 سندس مخالف اتحاد گادي وائزنڪوٽ ۽ اتحادين کي 50 ۽ ٻن عرب پارٽين کي 17 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. هي هڪ اندازو آهي حتمي نتيجا نه سمجهيا وڃن. اڳ ۾ نيتن ياهو جي اتحاد کي 52 سيٽون ملڻ جي رپورٽ سامهون آئي هئي. اهو انگ سندس اڳواڻيءَ هيٺ هلندڙ موجوده ڪنيست جي 68 سيٽن واري اتحاد جي ڀيٽ ۾ وڏي گهٽتائي آهي. تنهن هوندي به، سندس جماعت ليڪود جي سڀ کان وڏي پارٽي رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، يعني اڌ کان وڌيڪ ووٽرن نيتن ياهو کي ووٽ ڏئي اڪثريتي پارٽي ثابت ڪيو آهي.
اسرائيل ۾ چونڊون، هي به پڙهو
پر اسرائيل جي سياست ۾ سڀ کان وڏي پارٽي هجڻ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اتحاد ٺاهي حڪومت قائم ڪرڻ آهي. ان ڪري نيتن ياهو لاءِ اقتدار ۾ رهڻ جو رستو هاڻي غيرواضح ٿي ويو آهي. پر مخالف ڌر لاءِ به حڪومت ٺاهڻ جو رستو پيچيده آهي.
ايگزٽ پولز موجب، نيتن ياهو جي مخالف پارٽين مجموعي طور 68 کان 70 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جيڪا واضح اڪثريت آهي. پر اهي پارٽيون ساڄي ڌر، کاٻي ڌر ۽ وچين ڌرين ۾ ورهايل آهن، جڏهن ته يهودي ۽ عرب پارٽين جي وچ ۾ به اختلاف آهن.
آئزنڪوٽ جي جماعت يشَر (Yashar) مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، جنهن کي 21 کان 23 سيٽون ملڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پر اقتدار تائين پهچڻ لاءِ کيس عرب پارٽين سان سهڪار ڪرڻو پوندو، جنهن کي مخالف ڌر جا سڀ اڳواڻ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
هڪ استثنائي اڳڪٿي نيتن ياهو ۽ سندس اتحاد لاءِ خوشخبري کڻي آئي. نيتن ياهو جي حامي ٽي وي چئنل 14 جي ايگزٽ پولز موجب، سندس اتحاد کي مجموعي طور 60 سيٽون ۽ ليڪود کي اڪيلي سر 30 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.
بهرحال، ايگزٽ پولز رڳو اڳڪٿيون هونديون آهن. رات دوران اصل ووٽن جي ڳڻپ سان صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي. حتمي نتيجا اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳڻ جو امڪان آهي.
فوري طور ڪاميابيءَ جو اعلان نه ڪيو ويو
ايگزٽ پولز ۾ نيتن ياهو ۽ آئزنڪوٽ ٻنهي کي اڪثريت کان پري ڏيکارڻ باوجود، ٻنهي اڳواڻن پنهنجي حامين کي خطاب ڪيو ۽ چونڊن جي رات کي پنهنجي حق ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪاميابيءَ جو تاثر ڏيڻ چاهيو.
يروشلم ۾ ليڪود جي هيڊڪوارٽر ۾ ڳالهائيندي نيتن ياهو ووٽرن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته کين هڪ ڀيرو ٻيهر سندس قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. پر هن کليل نموني ڪاميابيءَ جو اعلان ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
هن چيو، ”اڄ رات ٻه ڳالهيون واضح ٿي ويون آهن: ليڪود اسرائيل جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي. ان بابت ڪو به اختلاف ناهي.“ هن وڌيڪ چيو، ”ٻي ڳالهه اها آهي ته صهيوني ۽ يهودي عوام ۾ ساڄي ڌر جي اتحاد کي واضح ۽ فيصلائتي اڪثريت حاصل آهي.“
نيتن ياهو چيو، ”اسان کي هڪ مضبوط قومي ساڄي ڌر جي حڪومت قائم ڪرڻ گهرجي. اسرائيل کي اهڙي حڪومت جي حوالي ڪري خطري ۾ نه وجهڻ گهرجي، جيڪا صهيونيت مخالف عرب پارٽين جي سهاري تي بيٺل هجي، جيڪي اسان جي وجود جا ئي مخالف آهن، حماس کي خيراتي تنظيم سمجهن ٿيون ۽ اسان جي فوجين کي جنگي ڏوهاري قرار ڏين ٿيون.“
تل ابيب ۾ پنهنجي چونڊ هيڊڪوارٽر ۾ خطاب ڪندي آئزنڪوٽ به ڪاميابيءَ جو اعلان نه ڪيو، پر هن چيو ته اسرائيلي عوام نيتن ياهو جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو آهي.
هن چيو، ”اسان تاريخ رقم ڪئي آهي! عوام تبديليءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي. ناڪاميءَ واري اتحاد عوام جو اعتماد وڃائي ڇڏيو آهي.“ هن وڌيڪ چيو، ”اسرائيلي عوام نيتن ياهو جي اسرائيل جي وزيراعظم طور وڌيڪ برقرار رهڻ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو آهي.“
آئزنڪوٽ، جيڪو ماضيءَ ۾ اسرائيل جو اعليٰ ترين فوجي سربراهه رهيو آهي ۽ غزه ۾ جنگ دوران سندس 25 سالن جو فوجي پٽ مارجي ويو هو، چيو ته ”ڪنهن به لائق اڳواڻ کي عوام جي بي اعتماديءَ واري فيصلي کي قبول ڪري اڄ ئي سياست تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.“
عرب پارٽين جي ووٽن ۾ واڌ سان صورتحال وڌيڪ پيچيده
چونڊن ۾ 1999ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ووٽنگ ٿي، جنهن جي شرح گهٽ ۾ گهٽ 77.7 سيڪڙو رهي. ووٽنگ ۾ اضافو خاص طور ملڪ جي عرب آباديءَ ۾ نمايان هو، جيڪا روايتي طور يهودي اسرائيلين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ووٽ ڏيندي رهي آهي. عرب پارٽين موجب، ووٽنگ جي شرح 75 سيڪڙو کان وڌي وئي.
ٻن عرب پارٽين، جوائنٽ لسٽ ۽ رعام، کي گڏيل طور 17 کان 19 سيٽون ملڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اهو سندن تاريخ جو سڀ کان بهتر انتخابي نتيجو ٿي سگهي ٿو.
اسرائيل جا فلسطيني شهري، جيڪي ملڪ جي ڪل آباديءَ جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو آهن، نيتن ياهو جي ساڄي ڌر جي اتحاد کي اقتدار مان هٽائڻ جي خواهش سبب وڏي انگ ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪتا. ان اتحاد تي سخت گير وزيرن بتسئيل سموترچ ۽ اتمار بن گوير جو وڏو اثر رهيو آهي. بن گوير جي قومي سلامتيءَ واري وزير طور دور ۾ عرب برادرين اندر ڏوهن ۽ قتل جي واقعن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي.
جوائنٽ لسٽ جي چيئرمين يوسف جبارين ان ڏينهن کي ”تاريخي ڏينهن“ قرار ڏيندي چيو، ”اسان ثابت ڪيو آهي ته اسان هڪ اهڙي سياسي قوت آهيون، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ۽ هتي اسان جي آواز کان سواءِ مستقبل تعمير ڪرڻ ناممڪن آهي.“
رعام جي چيئرمين منصور عباس، آءِ 24 نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ”چونڊن ۾ رڪارڊ ڪاميابيءَ جو سمورو ڪريڊٽ بن گوير، سموترچ ۽ ان سڄي حڪومت کي وڃي ٿو، جنهن اسرائيل جي عرب برادريءَ کي نظرانداز ڪيو.“
عرب ووٽرن جي وڏي شرڪت شايد نيتن ياهو کي اڪثريت حاصل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، پر ان سان گڏ آئزنڪوٽ لاءِ به نيتن ياهو جي جاءِ تي حڪومت ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
آئزنڪوٽ پنهنجي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪنهن به اتحادي پارٽيءَ اڳيان ڪجهه شرط رکيا آهن. انهن ۾ اسرائيل کي يهودي رياست طور تسليم ڪرڻ ۽ حماس کي اهڙي دهشتگرد تنظيم تسليم ڪرڻ شامل آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ ضروري هجي. گهڻن عرب قانون سازن لاءِ اهي شرط قبول ڪرڻ ممڪن نظر نٿا اچن.
ان کان سواءِ، مخالف ڌر جا ٻه اتحادي، ايوگڊور ليبرمين ۽ نفتالي بينيٽ، عرب پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي امڪان کي مڪمل طور رد ڪري چڪا آهن. ان صورتحال سبب آئزنڪوٽ جي ڪاميابيءَ جو رستو به غيرواضح ٿي ويو آهي.
هاڻي اڳتي ڇا ٿيندو؟
ايگزٽ پولز رڳو اڳڪٿيون آهن. اصل ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجن کي حتمي شڪل ڏيڻ سان صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ عام طور ڪجهه ڏينهن لڳندا آهن.
نتيجن جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ چونڊ عمل اسرائيل جي صدر اسحاق هرزوگ ڏانهن منتقل ٿيندو. هرزوگ يروشلم ۾ مختلف پارٽين سان صلاح مشورن جو سلسلو شروع ڪندو، جنهن دوران هر چونڊيل پارٽي پنهنجي پسند جي وزيراعظم جي نالي جي سفارش ڪندي.
انهن سفارشن جي بنياد تي صدر ڪنهن هڪ اميدوار کي حڪومت ٺاهڻ جي ذميواري ڏيندو. اهو لازمي ناهي ته سڀ کان وڏي پارٽيءَ جو اڳواڻ ئي چونڊيو وڃي؛ صدر پنهنجي صوابديد موجب ان اميدوار کي چونڊيندو، جنهن بابت کيس لڳندو ته اهو 61 ميمبرن جي اڪثريت گڏ ڪرڻ جي وڌيڪ صلاحيت رکي ٿو.
چونڊن ۾ ڪاميابي رڳو ووٽن ۽ سيٽن حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي، پر هڪ قابلِ عمل اتحاد ٺاهڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ به اهم آهي. صدر هرزوگ جو پهريون فيصلو اهو هوندو ته هو نيتن ياهو يا آئزنڪوٽ مان ڪنهن کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي.
نيتن ياهو جي پارٽي سڀ کان وڏي آهي، پر عرب پارٽين جي حمايت سان آئزنڪوٽ کي وڌيڪ پارٽين جي سفارشون ملڻ جو امڪان آهي.
حڪومت ٺاهڻ جو اختيار ملڻ کان پوءِ ٻنهي مان جيڪو به اميدوار چونڊيو ويندو، اهو وزارتن جي ورهاست، بجيٽ جي ترجيحن ۽ پاليسيءَ بابت واعدن تي ڪيترن ئي هفتن تائين سياسي ڳالهين ۾ مصروف رهندو.
حڪومت ٺاهڻ جي ذميواري مليل اميدوار وٽ 28 ڏينهن هوندا، جن ۾ ممڪنه طور 14 ڏينهن جي واڌ به ملي سگهي ٿي. جيڪڏهن هو حڪومت ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿيو ته صدر اهو اختيار ڪنهن ٻئي اميدوار کي ڏيندو، جنهن کي ٻيهر چار هفتا ملندا.
جيڪڏهن ٻيو اميدوار به ناڪام ٿيو ته ڪنيست کي ڪنهن ٽئين اميدوار جو نالو پيش ڪرڻ لاءِ مختصر مهلت ڏني ويندي. جيڪڏهن ان مرحلي تي به ڪو حل نه نڪتو ته ملڪ ۾ پاڻمرادو ٻيهر چونڊون ٿينديون. ٻنهي ڌرين وٽ واضح اڪثريت نه هجڻ سبب سياسي تعطل پيدا ٿيڻ جو امڪان موجود آهي.
صدر هرزوگ شايد نيتن ياهو ۽ آئزنڪوٽ کي ٻن وڏين پارٽين جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پر اهو واضح ناهي ته اهڙو بندوبست ممڪن به آهي يا نه.
نيتن ياهو جي ماضيءَ ۾ اهڙن سياستدانن سان معاهدن تي عمل نه ڪرڻ جي ڊگهي تاريخ رهي آهي، جن سان هن اڳ گڏجي حڪومت ٺاهڻ جا ٺاهه ڪيا هئا. ٻئي پاسي، آئزنڪوٽ نيتن ياهو سان گڏ حڪومت ۾ ويهڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي.










