ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير هارون اختر خان، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (SIFC) جي وفد ۽ سنڌ جي صوبائي وزيرن سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. هن ڪاروباري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ضابطن ۾ سڌارن ذريعي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير، وزيراعظم شهباز شريف پاران آسان ڪاروبار ايڪٽ 2025ع متعارف ڪرائڻ واري قدم کي ساراهيندي چيو ته هن قانون جو مقصد ڪاروباري ضابطن کي آسان بڻائڻ، قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ بابت پيچيدگين کي گهٽائڻ ۽ ڪاروباري برادري توڙي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ ان کي وڌائڻ کي آسان بڻائڻ آهي. هارون اختر خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ذريعي خوشحالي آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. معاشي استحڪام ڏانهن اڳڀرائي کانپوءِ هاڻي اسان جو ڌيان ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ، روزگار وڌائڻ ۽ قومي معيشت کي مضبوط بڻائڻ تي آهي. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جي ضابطن ۾ سڌارن واري منصوبي ۾ پاڪستان ريگيوليٽري رجسٽري ۽ پاڪستان بزنس پورٽل جو قيام شامل آهي، جنهن جو مقصد طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ غير ضروري ضابطن واريون رنڊڪون ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان قدم ذريعي سڄي ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول پيدا ڪيو ويندو. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (SIFC) جي ڪردار کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪائونسل ضابطن ۾ سڌارن لاءِ هم آهنگي پيدا ڪرڻ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ سهڪار کي اثرائتو بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن توڙي ڪاروباري ادارن کي پيش ايندڙ انتظامي رنڊڪن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. SIFC لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن سان گڏجي ضابطن ۽ طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪاروبار دوست سڌارن تي عملدرآمد ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي. انهن قدمن جو مقصد سيڙپڪاريءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون گهٽائڻ، ڪاروبار ڪرڻ کي آسان بڻائڻ ۽ پاڪستان جي معاشي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ آهي. سنڌ جي اهميت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پاڪستان جو مالي ۽ واپاري مرڪز آهي، جيڪو ڪاروباري سڌارن تي عملدرآمد، سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، واپار کي آسان بڻائڻ ۽ عالمي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن صدرِ مملڪت آصف علي زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪاروباري ترقي ۽ معاشي اڳڀرائي لاءِ سهڪار کي ساراهيو. هن قومي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سازگار سيڙپڪاريءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل سهڪار کي پڻ اهم قرار ڏنو. هارون اختر خان چيو ته پاڪستان جي عالمي ساک ۾ ٿيندڙ واڌ، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ علائقائي ڇڪتاڻ دوران امن جي فروغ ۽ ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ وارو ڪردار، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ ۽ عالمي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ڏانهن راغب ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو آهي. هن خصوصي اقتصادي زونز جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اهي زونز ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن، خاص طور تي زمين جي ملڪيت ۽ زمين حاصل ڪرڻ بابت ڏکيائين کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته تجويز ڪيل ليز ماڊل تحت ڪاروباري ادارن کي انهن زونز ۾ زمين ليز تي فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ملندي. ان موقعي تي سنڌ جي آبپاشي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ڄام خان شورو وفاقي حڪومت جي قدمن جي آجيان ڪندي چيو ته ڪاروباري ادارن، برآمد ڪندڙن ۽ درآمد ڪندڙن جي مدد لاءِ گڏيل ۽ مربوط سڌارا انتهائي ضروري آهن. ڄام خان شورو چيو ته، ”اهي قدم ڪاروباري برادري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا، جنهن سان برآمد ڪندڙ ۽ درآمد ڪندڙ پنهنجون سرگرميون وڌائي سگهندا، واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ نوان موقعا ڳولي سگهبا.“ وزيراعظم جي واپار، صنعت ۽ پيداوار بابت معاون رانا احسان افضل خان چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي سهڪار سان ترقياتي قدمن کي ترجيح ڏئي رهي آهي، ته جيئن رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن ڪراچي کي ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍيندڙ روڊن ۽ ريلوي جي جاري منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته بندرگاهه واري شهر تائين بهتر رسائي سان آمدرفت، واپار ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ملندي. رانا احسان افضل خان چيو ته، ”روڊن ۽ ريلوي جا بهتر رابطا ڪراچي کي پاڪستان جي ٻين حصن سان ڳنڍيندا، بندرگاهه تائين رسائي بهتر بڻائيندا ۽ سامان جي اچ وڃ توڙي واپار کي آسان بڻائي معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيندا.“ مقررين زور ڏنو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ مسلسل سهڪار، ڪاروباري ضابطن کي آسان بڻائڻ ۽ بنيادي ڍانچي کي بهتر ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري سرگرمين کي وڌائڻ ۽ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هنن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته SIFC سميت لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتي رابطي ۽ هم آهنگي ذريعي ضابطن ۾ سڌارن کي اڳتي وڌائڻ، سيڙپڪاريءَ سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ وڌيڪ مقابلي وارو ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.










