ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ، آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ماحول دوست ڪاروبار ۾ وڏي سيڙپڪاري جون ڪوششون تيز ٿي ويون آهن. برطانوي حڪومت جي سهڪار سان پاڪستان جا 10 ڪاروباري ادارا ايندڙ ٽن سالن دوران صاف توانائي، زراعت، ڪچري جي ري سائيڪلنگ، ماحول دوست تعمير ۽ برقي ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ مجموعي طور 12 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جا منصوبا رکن ٿا.ڪراچي ۾ 27 ۽ 28 آڪٽوبر تي منعقد ٿيل ٻن ڏينهن واري ڪلائيميٽ فنانس ايڪسيليٽر پاڪستان انويسٽر روڊ شو دوران انهن ڪاروباري ادارن پنهنجا منصوبا امڪاني سيڙپڪارن، بئنڪن ۽ ترقياتي مالياتي ادارن آڏو پيش ڪيا. رپورٽ موجب، انهن ڏهن ادارن مان ڪجهه ايندڙ 12 مهينن دوران مجموعي طور 5 ڪروڙ 10 لک ڊالر جي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن، جڏهن ته انهن جي ايندڙ ٽن سالن جي منصوبن جي مجموعي ماليت 12 ڪروڙ ڊالر آهي. برطانوي حڪومت جي مالي سهڪار سان هلندڙ ڪلائيميٽ فنانس ايڪسيليٽر پاڪستان پروگرام تحت ڪاروباري ادارن کي فني، مالي ۽ سماجي شموليت بابت صلاحون فراهم ڪيون ويون، جيئن اهي پنهنجا منصوبا سيڙپڪارن آڏو بهتر نموني پيش ڪري سگهن. برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن چيو ته پاڪستان سان برطانيا جي ماحولياتي ڀائيواري جو مقصد موسمياتي منصوبن لاءِ مالي وسيلا گڏ ڪرڻ، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ماحول دوست قدمن لاءِ پاليسي ۽ ادارتي نظام کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن موجب، پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ گذريل سال ڊسمبر ۾ ٿيل يو ڪي ـ پاڪستان گرين ڪمپيڪٽ تحت موسمياتي تبديلين، صاف توانائي، نجي سيڙپڪاري ۽ ماحول دوست مهارتن سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار لاءِ فريم ورڪ فراهم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ رڳو ماحولياتي مسئلو ناهي، پر اهو معيشت، زراعت، بنيادي ڍانچي، توانائي، شهرن ۽ عوام جي روزگار سان پڻ جڙيل وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جتي نجي سيڙپڪار اعتماد سان ماحول دوست منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن. ڪلائيميٽ فنانس ايڪسيليٽر پاڪستان جي ٽيم ليڊ وردا ملڪ موجب، پروگرام جو مقصد سيڙپڪاري لاءِ تيار پاڪستاني ڪاروبارن کي اهڙن سيڙپڪارن سان ڳنڍڻ آهي، جيڪي سندن منصوبن جي مالي مدد ڪري سگهن. منصوبن ۾ زرعي فضلي مان بايو ڪوئلو ۽ نامياتي ڀاڻ تيار ڪرڻ، شهري ڪچري جي ري سائيڪلنگ، ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ، شمسي توانائي کي آسان قسطن تي فراهم ڪرڻ ۽ زرعي فضلي مان بايوماس ٻارڻ تيار ڪرڻ شامل آهن. ان کانسواءِ، مصنوعي ذهانت ۽ سينسرز جي مدد سان عمارتن ۾ توانائي جي استعمال کي بهتر بڻائڻ، برقي بسن لاءِ چارجنگ جو ڍانچو تيار ڪرڻ ۽ شهري ٽرانسپورٽ لاءِ ڊجيٽل پليٽفارم ٺاهڻ جا منصوبا پڻ شامل آهن. رپورٽ موجب، چونڊيل ادارن ۾ اي ايس انٽرپرائزز، ٽريش اٽ، صحارا ري سائيڪلنگ، ويسٽ بسٽرز جي وي انٽرٽيڪ، بايو ويسٽ انرجي وينچرز، گوسِڊ اٽ، بايو انرجي سلوشنز، ايڪو ايج اي آءِ، بس ڪارو ۽ دائوو ايڪسپريس شامل آهن. برطانوي سهڪار سان هلندڙ هن پروگرام تحت 2022ع کان 2024ع دوران پاڪستان جي 22 منصوبن جي مدد ڪئي وئي، جنهن سان ماحولياتي منصوبن لاءِ 4 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي.جيڪڏهن موجوده منصوبا گهربل سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته انهن سان آلودگي گهٽائڻ، ڪچري کي ڪارائتي وسيلن ۾ تبديل ڪرڻ، صاف توانائي جي استعمال کي وڌائڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.










