سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر

سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال صوبي ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن جو مجموعي انگ 100 کان وڌي ويو آهي.اسپتال انتظاميا موجب متاثر عورت ڪراچيءَ جي رهواسي آهي، جنهن کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ (آءِ سي يو) ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. عورت کي ٻه ڏينهن اڳ سنڌ انفڪشس ڊزيزز اسپتال نِيپا آندو ويو هو، جتي منڪي پاڪس جي تشخيص لاءِ پي سي آر ٽيسٽ جا نمونا ورتا ويا. ٽيسٽ رپورٽ اچڻ کانپوءِ عورت ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي. اسپتال انتظاميا موجب عورت جي حالت کي نظر ۾ رکندي کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ انفڪشس ڊزيزز اسپتال نِيپا ۾ منڪي پاڪس جا 7 مريض علاج هيٺ آهن. صحت کاتي موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ منڪي پاڪس سبب هيل تائين 12 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ وائرس جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. صوبي ۾ منڪي پاڪس جي وڌندڙ ڪيسن سبب صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو