جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس منيب اختر کان وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. حلف برداريءَ جي تقريب سپريم ڪورٽ جي ججن واري بلاڪ ۾ ٿي، جنهن ۾ جج، قانوني عملدار ۽ عدالتي عملو شريڪ ٿيو.واضح رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي 27 آڪٽوبر کان 4 نومبر تائين ڏکڻ ڪوريا جي دوري تي آهي. سندس غيرموجودگيءَ ۾ جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس جون ذميواريون نڀائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو