لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪوٽ لکپت جي ايس ايڇ او افضل رؤف تي لاڳو ڪيل 200 رپين جي ڏنڊ واري سزا معطل ڪري ڇڏي، جڏهن ته سندس اپيل تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. رپورٽن موجب منشيات جي روڪٿام واري عدالت ڪيس جو رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او تي ڏنڊ لاڳو ڪيو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ سزا 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي عيوض ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪري ڇڏي. عدالت اپيل تي ٽرائل ڪورٽ جو رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو. عدالت چيو ته ڪيس جي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.










