بلوچستان ۾ آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

بلوچستان ۾ آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنہ 3 تحت فتنه الهندستان خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، ضلعي ڪيچ جي علائقي ميناز ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران فتنه الهندستان سان لاڳاپيل هڪ دهشتگرد مارجي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بوليده جي علائقي ميناز ۾ دهشتگرد ٻن عورتن کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيا هئا ۽ ناڪابندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران سيڪيورٽي فورسز فرار ٿيندڙ دهشتگردن جو پيڇو ڪيو، جنهن تي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته علائقي ۾ ممڪن طور موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن. بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪارروايون آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو