انگور اڊا واقعي بابت طالبان جو بيان ڪوڙو  قرار

انگور اڊا واقعي بابت طالبان جو بيان ڪوڙو قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت انگور اڊا واقعي بابت افغان طالبان حڪومت جي بيان کي ڪوڙو ۽ هٿ ٺوڪيو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزارت موجب، انگور اڊا واقعي بابت افغان طالبان جو ڪوڙو بيان سندن فريب تي ٻڌل طرزِ عمل جو عڪاس آهي. وزارت جو چوڻ آهي ته افغان طالبان فورسز پاڪستاني حدن اندر شهرين تي بنا ڪنهن اشتعال جي فائرنگ ڪئي ۽ مارٽر گولا وسايا. وزارت دعويٰ ڪئي ته طالبان حڪومت جي بنا اشتعال فائرنگ ڀارتي هدايتن ۽ پراڪسي عنصرن جي طئي ڪيل طريقيڪار جو تسلسل آهي. اطلاعات واري وزارت موجب، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان جي جارحيت جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو، جنهن دوران طالبان جون 7 چوڪيون تباهه ڪيون ويون ۽ کين جاني توڙي مالي نقصان پڻ پهتو. وزارت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته غير نمائنده طالبان حڪومت پنهنجي عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو