اسلام آباد (بيورو رپورٽ)دفاع واري وزير خواجه آصف مولانا الرحمان جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته تهران ۾ ڪوبه دفاعي معاهدو نه ٿي رهيو هو انهي لاءِ منهنجي موجودگي ضروري نه هئي.قومي اسيمبلي ۾ خواجه آصف مولانا فضل الرحمان جي گذريل ڏينهن جي تقرير تي جواب ڏيندي چيو ته تهران ۾ ڪوبه دفاعي معاهدو نه ٿي رهيو هو ۽ نه ئي اتي پاڪستان جي دفاع جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون. تهران ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هو اهو دفاع واري وزارت جو مينڊيٽ نه هو، اتي منهنجي موجودگي جي ضرورت نه هئي، تازو ٻنهي دفاعي معاهدن ۾ مان بطور دفاع واري وزير طور شريڪ هئس.هن چيو ته فيلڊ مارشل اتي صلح ڪرائڻ ويو هو، هو صلح جو پيامبر بڻجي تهران پهتو، هن هڪ جنگ روڪرائي آهي، يمن جو تڪرار خراب ٿي سگهيو ٿي، عالمي سطح تي پاڪستان ۽ فيلڊ مارشل جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ ضروري آهي، فيلڊ مارشل جو ڪردار امن جي ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وچ اوڀر ۾ مثبت نتيجا سامهون ايندا.دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته اوهان مون کي شرم ۽ حيا ڪرڻ جو طعنو ڏيو ٿا، مولانا اوهان به ڪجهه حيا ۽ شرم ڪريو، اوهان 40 سال ڪهڙن ڪهڙن عهدن جا مزا وٺندا رهيا آهيو، ٻڌايو 10 سال ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين بنجي ڪهڙيون خدمتون انجام ڏنيون آهن، اوهان جو ماضي تڪرار سان ڀريل آهي، هتي ڪوبه آب زم زم سان ڌوتل نه آهي.خواجه آصف وڌيڪ چيو ته مولانا افغانستان جو دورو ڇو ڪيو؟ انهي کي اتي وڃڻ جي آڇ ڇو ڪئي وئي؟ ڇا اوهان پرڏيهي وزير هو؟ انهي دوري جو مقصد پنهنجي سياست کي اڳيان وڌائڻ هو.










