ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ٽرين آپريشن اڄ هڪ ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.پاڪستان ريلوي جي اختيارين موجب، ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس اڄ رواني نه ٿيندي.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جناح پيپلز ٽرين پڻ اڄ نه هلندي.اختيارين موجب، اڄ پشاور کان ڪوئيٽا ايندڙ جعفر ايڪسپريس کي سنڌ جي شهر جيڪب آباد تائين محدود ڪيو ويو آهي.پاڪستان ريلوي جي اختيارين ٻڌايو ته ضروري مرمتي ڪم سبب ٽرين آپريشن هڪ ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.










