ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڊگري هولڊرز لاءِ انٽرن شپ پروگرام نومبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آءِ ورڪ فار سنڌ جي پليٽ فارم ذريعي ڊگري هولڊرز لاءِ انٽرن شپ پروگرام نومبر کان شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هن پروگرام ذريعي نوجوانن کي عملي تجربو حاصل ڪرڻ جا بهتر موقعا ملندا. سنڌ حڪومت نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي پيشي وراڻن صلاحيتن ۾ واڌاري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. حڪومت چاهي ٿي ته نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون وڌائڻ ۽ بهتر موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مناسب پليٽ فارم پڻ ميسر هجي. هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آءِ ورڪ فار سنڌ جي پليٽ فارم تي ڪمپنين جي سهڪار سان هنر رکندڙ ماڻهن لاءِ فزيڪل شارٽ ڪورسن جو ايندڙ مرحلو پڻ شروع ڪيو پيو وڃي. انهن ڪورسن ذريعي مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق نوجوانن جي مهارتن کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته ھاڻوڪي دور ۾ رڳو روايتي تعليم ڪافي ناهي، پر عملي مهارت ۽ پيشيوراڻي تربيت پڻ انتهائي اهميت رکن ٿا، ته جيئن نوجوان روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي بهتر نموني تيار ڪري سگهن. آءِ ورڪ فار سنڌ جي پليٽ فارم جي ڪارڪردگيءَ بابت شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته پليٽ فارم تي هن وقت تائين 53 لک کان وڌيڪ وزٽس رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رجسٽرڊ اميدوارن جو انگ وڌي 137,770 ۽ رجسٽرڊ ڪمپنين جو انگ 726 ٿي ويو آهي. هن چيو ته هن وقت پليٽ فارم تي 26,677 فعال نوڪرين جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته جمع ڪرايل درخواستن جو انگ 480,000 تائين پهچي چڪو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن دوران 4,800 اميدوار مختلف ڪورس مڪمل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 6,000 اميدوار هن وقت مختلف ڪورسن ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ کين مستقبل ۾ بهتر ڪيريئر جي چونڊ ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ جو سلسلو پڻ جاري آهي، جنهن تحت هر هفتي 18 کان 20 سيشن منعقد ڪيا پيا وڃن.










