اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن اڳواڻ محمود اچڪزئي چيو آهي ته اوهان سان جڏهن ڳالهيون شروع ڪريون ٿا ته اوهان گاريون ڏيڻ شروع ٿي ويندا آهيون، حنيف عباسي ڪعبي شريف ويو آهي ٻڌائي ڪيترا پئسا ڏنا ووٽ لاءِ؟ مون مطالبو ڪيو هو ته هن حڪومت ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي هڪ ڪميٽي ٺاهيو.هن جو چوڻ هو ته خواجه آصف، پيپلز پارٽي سميت اوهان سڀئي ٻڌي رهيا آهيو هن ايوان کي هن پارليامينٽ کي طاقت جو سرچشمو بنايو، اوهان کي هي سڀ ووٽ ڏيندا، اوهان پارليامينٽ کي مضبوط بنايو، اوهان کي ڇا بنگال کان پوءِ هاڻ هن کي به ٽوڙڻو آهي؟ خدا کي مڃو، ڇو هن کي ٽوڙڻ چاهيو ٿا؟ هن کي مضبوط بنايو.هن چيو ته اوهان اڄ تائين پاڪستاني قوم ناهي ٺاهي، 15 هزار کان 20 هزار اوهان جو مزدور نه پيو ڪمائي، 6 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، اوهان چئو ٿا ته اسلام جو قلعو؟ ڪهڙو قلعو؟ هتي پئسي وارو 40 هزار ۾ گاڏي جي پيٽرول جي ٽئنڪي فل نٿو ڪرائي سگهي ۽ غريب کي 20 هزار ملن نٿا، ڇا ائين ملڪ هلي سگهي ٿو؟ ائين نٿو ٿي سگهي.محمود اچڪزئي چيو ته افغانستان اوهان جو ايترو بهترين دوست هو جو ڀٽو پنهنجي ڪابينه جو اجلاس اتي گهرايو، جيڪڏهن مولانا افغانستان وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ته انهي جون اتي مائٽيون آهن، طالبان کي اسان قومي اثاثو قرار ڏنو هو، اهي ايترو جلدي ختم نٿا ٿي سگهن، رڳو دانهون رڙيون ۽ گاريون ڏيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو.اوهان ٻڌايو ايران ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اسان کي ڀروسي ۾ وٺو، اسان اوهان جو ساٿ ڏينداسين، هاڻ ڪوبه نئون ماڻهو نه ايندو، اسان ئي سڀ ڪجهه آهيون، ماضي کي وساري ڇڏيو، اوهان فرعون کان وڌيڪ طاقتور نه آهيو، انهي کي به شڪست ملي هئي، نه اوهان ايترا سٺا آهيو نه اسان ايترا خراب آهيون، اچو گڏجي ويهو.










