ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 9 فوت 3 زخمي

ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 9 فوت 3 زخمي

مـٺي(ن س) ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس جي آڪسيجن سلينڊر ڌماڪي سبب 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب، بي ايڇ يو پلس ۾ بيٺل پي پي ايڇ آءِ جي ايمبولينس ۾ ڌماڪو ٿيو. ايمبولينس ۾ آڪسيجن جو سلينڊر تبديل ڪرڻ دوران باهه لڳي هئي. هن ٻڌايو ته فوت ٿيندڙن ۾ هڪ ڳورهاري عورت، 2 تيماردار ۽ اسپتال جي عملي جا 4 ملازم شامل آهن. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر موجب، انتظاميا، ريسڪيو ۽ صحت کاتي جون ٽيمون واقعي واري هنڌ موجود آهن. سنڌ جي وڏي وزير واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته زخمين جي پرگهور لهن ۽ کين مڪمل سهولت فراهم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو