مولانا فضل الرحمان هاڻ اوهان کي رياست ۾ نوڪري نه ملندي: محسن نقوي

مولانا فضل الرحمان هاڻ اوهان کي رياست ۾ نوڪري نه ملندي: محسن نقوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته مان ڪنهن به جڳهه تي شوق سان نه ويندو آهيان پر وزيراعظم جي هدايت تي دورا ڪندو آهيان، مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن سخت تنقيد ڪئي، هاڻ انهي کي رياست ۾ نوڪري نه ملندي.گهرو وزير محسن نقوي سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) ڪافي ڏينهن کان منهنجي مٿان تبصرا ڪري رهي آهي. مان ذاتي طور تي مولانا فضل الرحمان جو دل سان احترام ۽ عزت ڪريان ٿو، پر ڪالهه جڏهن هن چيو ته مان رياست تي ٿڪان ٿو ته هاڻ اهو احترام ختم ٿي ويو.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن اجلاس جي دوران دفاع واري وزير کان سوال ڪيو ته دفاعي معاملو هو ته اوهان ڇو نه ويو، ۽ منهنجي مٿان اعتراض ڪيو ته مان ڇو ويو هئس ته مان انهي کي ٻڌايان ته اهو دفاعي معاهدو نه هو. محسن نقوي چيو ته ايران جو دورو ڪنهن به صورت ۾ دفاعي معاهدي جي لاءِ نه هو.هن مولانا فضل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهي جي مثال اهڙي آهي جيئن کيس جيڪڏهن حڪومت ۾ حصو ملي ته سڀ صحيح ۽ جيڪڏهن حڪومت ۾ ڪوبه ڪردار نه ملي ته مخالف ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيندو آهي. محسن نقوي چيو ته جيستائين هي رياست کان مال وٺي رهيا هئا رياست سٺي هئي، جڏهن مال نه ملي ته پوءِ خلاف ٿي ويندا آهن، هي تنقيد ڪن ٿا ته جواب ٻڌڻ جو حوصلو به رکن. هي اسلام کي بزنس جي لاءِ ۽ سياست جي لاءِ استعمال ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو