سکر (ن س) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.جسٽس عدنان اقبال چوڌري ۽ جسٽس محمد حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ الله ڏنو ڀٽو ۽ ٻين پاران داخل ڪرايل آئيني درخواست (سي پي ڊي 382/2025) تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.درخواستگذارن ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪلارڪ، ليبر، بيلدار، ويلڊر ۽ هيلپر طور ڪانٽريڪٽ بنيادن تي ڪم ڪندي پنهنجون نوڪريون مستقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي.درخواستگذارن طرفان ايڊووڪيٽ شڪيل احمد انصاري، جڏهن ته سرڪار طرفان اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ذوالفقار علي نائچ عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالتي فيصلي موجب آئين جي آرٽيڪل 199 تحت ڪنهن حڪومتي پاليسي يا قانوني بنياد کانسواءِ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل نٿو ڪري سگهجي.عدالت قرار ڏنو ته ڊگهي عرصي تائين اطمينان بخش خدمتون سرانجام ڏيڻ باوجود ڪنهن ملازم کي پاڻمرادو مستقل ٿيڻ جو قانوني حق حاصل نٿو ٿئي.دالت درخواست لاءِ قانوني جواز موجود نه هجڻ سبب ان کي ناقابلِ ٻڌڻي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.










