ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي عدالت جعلي پوليس مقابلي ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پوليس اهلڪار شهريار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ڪراچيءَ جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ اوڀر گلستان جوهر ۾ جعلي پوليس مقابلي دوران نوجوان جي مارجڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پوليس اهلڪار شهريار کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو. عدالت ڪيس ۾ شامل ٻين ٻن پوليس اهلڪارن ناصر ۽ فيصل کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٽنهي جوابدارن کي مقتول جي وارثن کي 5-5 لک رپيا هرجاڻو ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. پراسيڪيوشن موجب شاهين فورس جي پوليس اهلڪارن گلشن اقبال ۾ عامر کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، پر سندس نه بيهڻ تي پوليس اهلڪارن سندس پيڇو ڪيو ۽ رهائشي فليٽ ۾ داخل ٿي مٿس فائرنگ ڪئي. پوليس اهلڪارن شروعاتي طور واقعي کي پوليس مقابلو ڄاڻايو هو، پر بعد ۾ جوابدار اهلڪارن خلاف 2022ع ۾ شاهراهه فيصل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.










