ڏکئي وقت ۾ مولانا  ن ليگ سان گڏ هيو: راڻا

ڏکئي وقت ۾ مولانا ن ليگ سان گڏ هيو: راڻا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڏکئي وقت ۾ مسلم ليگ (ن) سان گڏ بيٺا آهن. ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سياسي پارٽين وچ ۾ اهڙي قسم جون صورتحالون پيدا ٿينديون رهنديون آهن، ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. پارٽي اندر اها ئي ڪوشش ڪئي ويندي ته هڪٻئي خلاف سخت ٻولي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته 28هين آئيني ترميم جو مسودو اڃا تائين حتمي نه ٿيو آهي، جڏهن ته اها ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندي ته ان تي بحث ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو