اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري پوليس ۾ گريڊ 17 هين ۾ ڪم ڪندڙ 10 ڊي ايس پيز کي اڳئين گريڊ 18 هين ۾ بطور ايس پي ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي سفارش تي وفاقي گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي منظوري بعد سيڪشن آفيسر خواجا حميل معين ڪوريجا جي صحيح سان 30 آڪٽوبر تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ايس پي طور ترقي ماڻيندڙن ۾ طارق محمود، خالد محمود اعواڻ، ارشاد علي ابڙو، ساجد عباس، بشارت علي، محمد سرفراز، فياض احمد، اسدالله منگي، اڪرم علي سومرو ۽ سعات علي ابڙو شامل آهن.










