سکر ڊويزن ۾ پکين جي غيرقانوني شڪار تي قلم 144 لاڳو

سکر ڊويزن ۾ پکين جي غيرقانوني شڪار تي قلم 144 لاڳو

سکر (بيورو رپورٽ)ڊويزنل ڪمشنر سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن جي حدن اندر جهنگلي جيوت جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي شڪارين طرفان ڄار وڇائي مقامي ۽ لڏپلاڻ ڪري ايندڙ پکين جي غيرقانوني شڪار تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کان رپورٽون ملڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪنزرويٽر لاڙڪاڻو وائلڊ لائيف ڊويزن جي درخواست تي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته انهن ضلعن جي ٻهراڙين ۽ شهري علائقن ۾ شڪارين طرفان پکين جي شڪار لاءِ لڳايل ڄارن جي نشاندهي ڪري ويجهن وائلڊ لائيف، پوليس ٿاڻن، ڳوٺن جي عملي ۽ پنهنجي علائقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي اطلاع ڏنو وڃي. اطلاع ڏيندڙن جي سڃاڻپ راز ۾ رکڻ جي شرط پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو، جتي شڪار بابت قانون موجود آهن. عالمي ۽ ملڪي قانونن موجب ڄار ذريعي پکين جو شڪار ڪرڻ سان انهن جي نسل ۽ بقا کي سنگين خطرا لاحق ٿين ٿا.
ڄار وڇائڻ، بارودي مواد استعمال ڪرڻ، پاڻيءَ ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ ڇڏڻ ۽ پاڻيءَ ۾ زهر ملائي شڪار ڪرڻ انتهائي غير اخلاقي، منع ٿيل ۽ سزا جوڳا ڏوهه آهن.
قانون موجب پکين، جن ۾ ٻٽير، تتر ۽ ٻيا آبي پکي شامل آهن، انهن جو قانوني شڪار مقرر ڪيل اجازت واري موسم دوران ئي ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ لائسنس يافته ٻارهين بور جي بندوق ۽ اجازت نامو لازمي آهي.
قانوني شڪار رڳو ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن مقرر ڪيل حد (بيگ لِمٽ) اندر ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي.
ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت طرفان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو آهي، جيڪو اڃا تائين جاري نه ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري هن وقت پکين جي شڪار جي اجازت موجود ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو