لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي وڏي وزير سنڌ پاران قائم ڪيل اعليٰ سطحي ڪميٽي سنڌ جي سمورين لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگي، شفافيت ۽ شڪايتن جو جائزو وٺي، پنهنجون حتمي سفارشون وڏي وزير کي پيش ڪندي. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو کي لوڪل ڪائونسلن بابت مختلف معاملن ۾ شڪايتون مليون هيون، جنهن تي هن هنگامي بنيادن تي وڏي وزير سنڌ کي هدايتون ڏنيون ته انهن شڪايتن جي ازالي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. جنهن کانپوءِ وڏي وزير سنڌ، صوبائي وزير بلديات جي سربراهيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي. ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، چيف انسپيڪشن جي نمائندي انور شر، لوڪل گورنمينٽ ڪليڪشن جي ميمبر عبدالرحيم سومرو ۽ مير حسن علي شامل آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي جي سمورين لوڪل ڪائونسلن ۾ قانون جي ابتڙ ڀرتين، بجيٽ ۾ بي ضابطگين، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ٻين غيرقانوني قدمن جي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ ڪئي ويندي. ناصر حسين شاهه چيو ته انهن قدمن جو مقصد لوڪل ڪائونسلن جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آڻڻ، چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن موجب عوام کي سندن در تائين سهولتون فراهم ڪرڻ، عوام کي رليف ڏيڻ ۽ سندن شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي. ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سمورين يونين ڪائونسلن جي گذريل ٽن سالن جي بجيٽ جو آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. ناصر حسين شاهه چيو ته انهن سمورن قدمن جو مقصد لوڪل ڪائونسلن ذريعي عوامي خدمتن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو