سنگاپور  ۽ پاڪستان ۾  ٻطرفو  سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

سنگاپور ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر وي ويان بالاڪرشڻن جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هن آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي ۽ عالمي سلامتيءَ جي بدلجندڙ صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته گڏيل مفادن وارن شعبن ۾ مسلسل رابطن ۽ سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سنگاپور سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ادارن وچ ۾ رابطا ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه علائقائي امن، استحڪام ۽ سلامتيءَ لاءِ اهم آهن. آءِ ايس پي آر موجب سنگاپور جي پرڏيهي وزير پڻ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پاڪ فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو