بائنانس، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري، اتر ڪوريا تي شڪ

بائنانس، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري، اتر ڪوريا تي شڪ

سنگاپور/ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) هيڪرن دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينج بائنانس مان 6 ارب 30 ڪروڙ ڊالر ماليت جا ڊجيٽل اثاثا چورائي ورتا آهن. اها تاريخ جي سڀ کان وڏي چوري قرار ڏني پئي وڃي. تجزيه نگارن ان واقعي جو الزام اتر ڪوريا تي لڳايو آهي ۽ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ان سان ڊجيٽل اثاثن تي سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿي سگهي ٿو.
خبر سامهون اچڻ کان پوءِ ڪرپٽو ڪرنسي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي وئي، جڏهن ته بائنانس رقم ڪڍرائڻ جون سهولتون عارضي طور بند ڪري ڇڏيون ۽ اعلان ڪيو ته چوريءَ سبب ٿيندڙ نقصان ڪمپني پاڻ برداشت ڪندي. چوري ڪيل اثاثن جو لڳ ڀڳ اڌ حصو ٽيٿر، سرڪل ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت يافته ڪمپني ورلڊ لبرٽي فنانشل سميت مختلف اسٽيبل ڪوائن جاري ڪندڙ ادارن فوري طور منجمد ڪري ڇڏيو.
بائنانس سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته، ”هي هڪ پيچيده سائبر حملو هو ۽ معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.“
ايڪسچينج جو چوڻ آهي ته گراهڪن جا فنڊ محفوظ آهن ۽ متاثر ٿيل اثاثن مان ڪجهه کي منجمد ڪرائڻ لاءِ ڀائيوار ادارن سان ڪم ڪيو پيو وڃي. هن وقت تائين لڳ ڀڳ 3 ارب ڊالر ماليت جا اثاثا ڳولي لڌا ويا آهن. ڪمپني اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ 45 ڪلاڪن اندر رقم ڪڍرائڻ جون سهولتون ٻيهر شروع ڪيون وينديون. بهرحال، باقي 3 ارب 30 ڪروڙ ڊالر جي صورتحال بابت ڪجهه نه ٻڌايو ويو آهي.
بائنانس جي ويب سائيٽ موجب، ڪمپني وٽ صارفين جي اثاثن جي تحفظ لاءِ هڪ محفوظ فنڊ موجود آهي، جنهن ۾ هڪ ارب ڊالر ماليت جا بِٽ ڪوائن رکيل آهن. اهو فنڊ ڪنهن به سيڪيورٽي ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ گراهڪن جي اثاثن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.
ڪمپني جي گڏيل چيف ايگزيڪيوٽو رچرڊ ٽينگ چيو ته نقصان جي ادائيگي ڪمپنيءَ جي پنهنجي فنڊن مان ڪئي ويندي.
آمريڪي بلاڪ چين تجزياتي ڪمپنين ٽي آر ايم ليبز ۽ چين ايناليسس موجب، چوريءَ جو وڏو حصو خميس ڏينهن دير سان شروع ٿيو لڳ ڀڳ 20 منٽن اندر مڪمل ڪيو ويو. ان حملي جا طريقا اتر ڪوريا سان منسوب ڪيل اڳوڻن وڏن سائبر حملن سان ملندڙ جلندڙ هئا.
ٽي آر ايم موجب، حملي آورن بائنانس جي استعمال هيٺ والٽس کي اهڙا حڪم ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جن ذريعي رقم هيڪرن جي ڪنٽرول هيٺ والٽس ڏانهن منتقل ٿي وئي. اهو طريقو 2025ع ۾ ڪرپٽو ايڪسچينج بائي بِٽ تي ٿيل وڏي چوريءَ سان ملندڙ هو، جنهن جو الزام آمريڪي وفاقي جاچ اداري ايف بي آءِ اتر ڪوريا تي لڳايو هو.
ٽي آر ايم پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل تجزيي ۾ چيو ته، ”اسان هن حملي کي اتر ڪوريا جي انتهائي ماهر هيڪنگ يونٽ سان منسوب ڪريون ٿا.“ ٽي آر ايم ۽ چين ايناليسس ٻنهي جو چوڻ آهي ته کين ان ڳالهه تي تمام گهڻو اعتماد آهي ته هن حملي پٺيان اتر ڪوريا جو هٿ آهي.
تاريخ جو سڀ کان وڏو سائبر حملو
آمريڪي ۽ ڏکڻ ڪوريا جي اختيارين توڙي سائبر سيڪيورٽي ماهرن موجب، اتر ڪوريا ڪيترن سالن کان رياستي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ سائبر يونٽن ذريعي جاسوسي، مالي چوري ۽ آمدني حاصل ڪرڻ جون سرگرميون ڪندو رهيو آهي.
اتر ڪوريا عام طور تي اهڙن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي. رائٽرز طرفان تبصرو حاصل ڪرڻ لاءِ جنيوا ۾ اتر ڪوريا جي مشن ۽ چين ۾ قائم سفارتخاني سان رابطو ڪيو ويو، پر فوري طور ڪو جواب نه مليو.
رچرڊ ٽينگ ايڪس تي لکيو ته، ”توهان جي رقم محفوظ آهي ۽ اسان هر نقصان جي تلافي ڪنداسين. اسان جي جاچ ۾ اڃا تائين ڪنهن به فرد کي ان واقعي جو ذميوار قرار نه ڏنو ويو آهي.“
مارڪيٽ ميڪر ڪمپني جي ايس آر سان لاڳاپيل اراوند سرينواسن چيو ته، ”هي تاريخ جو سڀ کان وڏو هيڪنگ حملو آهي.“ سندس اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو، جڏهن ڪرپٽو ڪرنسي جون قيمتون وڏي پيماني تي گهٽجي رهيون هيون.
بِٽ ڪوائن جي قيمت ڇهن هفتن جي گهٽ ترين سطح 76,368 ڊالر تي پهچي وئي، جڏهن ته ايٿر جي قيمت 3 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي ٻن مهينن جي گهٽ ترين سطح 2,178 ڊالر تي اچي وئي. بعد ۾ مارڪيٽن ۾ ڪجهه استحڪام ڏسڻ ۾ آيو.
بي اين بي، جيڪو اصل ۾ بائنانس ڪوائن جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو هو ۽ بائنانس تي ٽرانزيڪشن فيس ادا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 سيڪڙو گهٽجي 709.70 ڊالر تي اچي ويو.
ان واقعي سبب ڪرپٽو ڪرنسي سان لاڳاپيل اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به سيڙپڪارن جو اعتماد متاثر ٿيو.
ڪرپٽو ايڪسچينج ڪوائن بيس گلوبل جا شيئر 4.8 سيڪڙو گهٽجي ويا، جيتوڻيڪ ڪمپني چيو ته هيڪنگ واري واقعي سان ان جو ڪو تعلق يا اثر نه ٿيو آهي. جڏهن ته بِٽ ڪوائن خريد ڪندڙ ڪمپني اسٽرئٽجي جا شيئر آمريڪي مارڪيٽ جي اضافي واپار دوران لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو ڪري پيا.
هيڪنگ جو شروعاتي سبب ڪمپنيءَ جي انجنيئر جو ليپ ٽاپ؟
بائنانس موجب، ابتدائي جاچ مان اشارو مليو آهي ته سائبر حملي جي شروعات ڪمپنيءَ جي هڪ انجنيئر جي هيڪ ٿيل ليپ ٽاپ ذريعي ٿي سگهي ٿي. ان ذريعي حملي آور ڪمپنيءَ جي هڪ سسٽم تائين رسائي حاصل ڪري غيرقانوني طور رقم ڪڍرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
بائنانس چيو ته، ”اسان جي سيڪيورٽي ٽيم متاثر ٿيل ڪمپيوٽر ذريعي حملي جي مڪمل طريقيڪار جي جاچ ڪري رهي آهي، جيڪو هن واقعي ۾ داخل ٿيڻ جو شروعاتي رستو ٿي سگهي ٿو.“
بعد ۾ ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ دوران سيڪيورٽي ۾ ڀڃڪڙيءَ جا ڪجهه ٻيا هنڌ به سامهون آيا آهن.
ٽوڪيو ۾ قائم اڳوڻي ڪرپٽو ايڪسچينج مائونٽ گوڪس جو اڳوڻو سربراهه مارڪ ڪارپيلس، جنهن جي ڪمپني 12 سال اڳ 50 ڪروڙ ڊالر ماليت جا بِٽ ڪوائن چوري ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي وئي هئي، چيو آهي ته حملي آورن غالباً بائنانس جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن والٽس جون خانگي چاٻيون حاصل ڪري ورتيون هيون.
هن چيو ته، ”بائنانس لڳي ٿو ته پنهنجا اثاثا ڪيترن ئي مختلف سسٽمن ۾ ورهائي رکيا هئا، ته جيئن ڪنهن هڪ سسٽم تي حملو ٿيڻ جي صورت ۾ رڳو اثاثن جو هڪ حصو متاثر ٿئي. پر ان جي باوجود هڪ ئي سائبر حملي ۾ ايترو وڏو نقصان ٿيڻ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي.“
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اثاثن جي امڪاني نقصان کان سواءِ، سيڪيورٽي جي هن ڀڃڪڙيءَ جا ڪرپٽو ڪرنسي جي سڄي شعبي تي وڌيڪ وسيع اثر پئجي سگهن ٿا. اهو شعبو اڳ ئي آمريڪا ۾ وياج جي وڌندڙ شرحن ۽ ايڪسچينج ٽريڊڊ فنڊز (اي ٽي ايف) ۾ سيڙپڪارن جي گهٽجندڙ دلچسپي سبب دٻاءَ هيٺ هو.
هانگ ڪانگ ۾ قائم هاش ڪي گروپ جي سينيئر محقق ٽم سن چيو ته، ”هن واقعي سان سيڙپڪارن جي خطرو کڻڻ واري خواهش وڌيڪ گهٽجي سگهي ٿي ۽ اهي مرڪزي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ ايڪسچينجز ۾ رکيل اثاثن جي سلامتيءَ بابت ٻيهر سوچڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا.“
چوريءَ جي رقم بائنانس جي حفاظتي فنڊ کان به وڌيڪ
بائنانس هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي، جتي صارف ڊجيٽل اثاثا خريد، وڪرو ۽ واپار ڪري سگهن ٿا. ڪمپنيءَ جي 2025ع جي سالياني رپورٽ موجب، سڄي دنيا ۾ ان جا 33 ڪروڙ 50 لک رجسٽرڊ صارف آهن ۽ ڪمپنيءَ وٽ محفوظ رکيل اثاثن جي ماليت لڳ ڀڳ 162 ارب 80 ڪروڙ ڊالر هئي.
اسٽيبل ڪوائن جاري ڪندڙ ڪمپني ٽيٿر ٻڌايو ته هن واقعي سان لاڳاپيل لڳ ڀڳ هڪ ارب 57 ڪروڙ ڊالر جا اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سرڪل ڪمپني 80 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جا اثاثا منجمد ڪيا آهن.
ورلڊ لبرٽي فنانشل چيو آهي ته هن اثاثن کي منجمد ڪرڻ لاءِ حفاظتي اثاثن جي ذميوار ڪمپني بِٽ گو سان گڏجي ڪم ڪيو.
بائنانس جي گڏيل باني يي هي موجب، اسٽيبل ڪوائنز جي صورت ۾ 2 ڪروڙ 70 لک ڊالر ۽ ورلڊ لبرٽي جا لڳ ڀڳ 20 لک ڊالر ماليت جا ٽوڪن به منجمد ڪيا ويا آهن.
ڪرپٽو ڪرنسي جي ڪمپني رپل پڻ لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ ڊالر جا فنڊ منجمد ڪيا آهن، يي هي ٻڌايو.
هي واقعو ڪرپٽو ڪرنسي جي شعبي ۾ ٿيندڙ چورين جي هڪ ڊگهي سلسلي ۾ نئون اضافو آهي. ٽي آر ايم ليبز جي محققن موجب، گذريل سال لڳ ڀڳ 150 سائبر حملن ذريعي 2 ارب 90 ڪروڙ ڊالر ماليت جون ڪرپٽو ڪرنسيون چوري ڪيون ويون هيون.
سيپٽمبر ۾ ڪرپٽو ايڪسچينج بِٽ گيٽ پڻ ٻڌايو هو ته ان جي پليٽ فارم تان لڳ ڀڳ 35 ڪروڙ ڊالر ماليت جون ڪرپٽو ڪرنسيون چوري ڪيون ويون آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي صنعت هيڪرن جي حملن آڏو ڪيتري غير محفوظ آهي.
موڊيز ريٽنگز جي ڊجيٽل اثاثن واري شعبي جي نائب صدر ڪرسٽيانو وينٽريسيلي چيو ته، ”هن واقعي جا مالي ۽ پوري صنعت تي اثر ان ڳالهه تي دارومدار رکندا ته آخرڪار ڪيترو نقصان ٿئي ٿو، ڪهڙا ٻيا لاڳاپيل ادارا متاثر ٿين ٿا، ڪيترا اثاثا واپس حاصل ڪيا وڃن ٿا ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڇا هن واقعي سبب ڊجيٽل اثاثن جي سڄي نظام ۾ وڌيڪ خلل يا اعتماد جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي.“

پهنجو تبصرو موڪليو