بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا سيپٽمبر مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ 2 رپيا 56 پئسا مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي بجلي واهپيدارن تي 32 ارب 66 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوڻ جو خدشو آهي. ٻڌڻي دوران سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي عملدارن ٻڌايو ته سيپٽمبر مهيني دوران بجلي جي سراسري فيول لاڳت 10 رپيا 2 پئسا في يونٽ رهي، جڏهن ته ان جو اڳواٽ ڪاٿو 7 رپيا 46 پئسا في يونٽ لڳايو ويو هو. سي پي پي اي موجب سيپٽمبر ۾ بجلي پيدا ڪرڻ تي مجموعي طور 127 ارب 87 ڪروڙ رپيا خرچ آيو. مقامي ڪوئلي مان 7 ارب 95 ڪروڙ رپين، جڏهن ته درآمدي ڪوئلي مان 37 ارب 14 ڪروڙ رپين جي بجلي پيدا ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح ڊيزل مان 13 ارب 26 ڪروڙ رپين، فرنس آئل مان 11 ارب 81 ڪروڙ رپين ۽ مقامي گئس مان 13 ارب 89 ڪروڙ رپين جي بجلي پيدا ڪئي وئي. عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته ايل اين جي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ تي 31 ارب 93 ڪروڙ رپيا خرچ آيو، جڏهن ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين مجموعي طور 12 ارب 76 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ڪئي. پاور ڊويزن جي موقف موجب سيپٽمبر مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ 5 کان 6 رپيا في يونٽ تائين وڌڻ جو خدشو هو، پر ٻن ڪلاڪن جي لوڊ مئنيجمينٽ سميت مختلف اپائن ذريعي اها واڌ 2 رپيا 56 پئسا في يونٽ تائين محدود ڪئي وئي. واضح رهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي سيپٽمبر مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي في يونٽ 2 رپيا 56 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو