ٽريفڪ نظام لاءِ سيف سٽي منصوبي کي وڌائڻ جو فيصلو

ٽريفڪ نظام لاءِ سيف سٽي منصوبي کي وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ٽريفڪ مئنيجمينٽ اينڊ ريگيوليٽري سسٽم بابت اهم اجلاس ٿيو.اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته صوبي ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جو بنيادي مقصد آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته شهرين جي تحفظ ۽ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ سڄي سنڌ ۾ سيف سٽي منصوبي کي وڌيڪ وڌايو ويندو.گهرو وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته امن امان جي صورتحال ۽ ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو