ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري بجلي واهپيدارن لاءِ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو امڪان

ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري بجلي واهپيدارن لاءِ ڏکيا ثابت ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري جا مهينا بجلي واهپيدارن لاءِ مهانگا ثابت ٿيڻ جو امڪان آهي، ٽنهي مهينن دوران فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ 2 کان 3 ڀيرا واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. پاور ڊويزن جي ذريعن موجب سياري جي ٽنهي مهينن ۾ بجلي جي اگهن بابت صورتحال ڏکي ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ايل اين جي، ڪوئلي ۽ ٻين ٻارڻ جي عالمي اگهن ۾ واڌ سبب بجلي پيدا ڪرڻ جي لاڳت وڌي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سياري دوران بجلي گهرن کي مقامي گئس جي فراهمي به وڏو مسئلو هوندي، ڇاڪاڻ ته سرديءَ ۾ گهريلو واهپيدارن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ به مقامي گئس ڪافي نه هوندي آهي. ان کانسواءِ سياري ۾ پن بجليءَ جي پيداوار تمام گهٽجي وڃڻ سبب بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مهانگو ٻارڻ استعمال ڪرڻو پوندو، جنهن جو بار نيٺ بجلي واهپيدارن تي پوندو. ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جا وڌندڙ اگهه به فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ واڌ جو سبب بڻجندا. گذريل مهينن دوران ٻن ڪلاڪن جي لوڊ مئنيجمينٽ سميت مختلف اپائن ذريعي فيول جي مد ۾ اضافي بار گهٽ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هاڻي عالمي مارڪيٽ ۾ ايل اين جي سميت ٻين ٻارڻ جا اگهه ڪافي وڌي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو