ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي ڊرون حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 5 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا. سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن ضلعي خاران جي علائقي البٽ ۾ قائم چيڪ پوسٽ کي ڊرون ذريعي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سيڪيورٽي فورسز ترت جوابي ڪارروائي ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي پنج ئي ڊرون پنهنجي هدف تائين پهچڻ کان اڳ تباهه ڪري ڇڏيا.سيڪيورٽي ذريعن موجب واقعي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو.










