ڪراچي سميت صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري

ڪراچي سميت صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري آهي. بنيادي ڍانچي، روڊن، ٽرانسپورٽ، نيڪال جي نظام ۽ شهري سهولتن جي بهتري لاءِ مختلف رٿائون شروع ڪيون ويون آهن. حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪراچي کي هڪ جديد شهر بڻائڻ لاءِ سمورا ترقياتي ڪم گڏيل رٿابندي تحت اڳتي وڌايا وڃن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پورٽ قاسم کان ايم نائن موٽروي تائين لنڪ روڊ، ريڊ لائين ۽ ييلو لائين بي آر ٽي سميت اهم رٿائن تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد تائين تجويز ڪيل ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي پڻ شهر جي صنعتي ۽ واپاري سرگرمين لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي، جنهن سان بندرگاهه، صنعتي علائقن ۽ مک شاهراهن وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌايو پيو وڃي. ڊبل ڊيڪر بسون ۽ وڌيڪ اليڪٽرڪ بسون نومبر ۾ ڪراچي پهچڻ واريون آهن، جڏهن ته انهن لاءِ نون روٽن جي رٿابندي پڻ جاري آهي. ريڊ، ييلو، گرين ۽ اورينج لائين کي هڪ گڏيل نظام تحت ڳنڍڻ تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن شهرين کي بهتر سفري سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته شهر جي شاهراهن، انڊر پاسن، پلن ۽ ٻين اهم هنڌن تي ترقياتي ڪمن کي تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ روڊن، پلن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ شهري سهولتن جي منصوبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. حڪومت جو مقصد رڳو نوان منصوبا شروع ڪرڻ نه، پر جاري منصوبن کي مقرر ڪيل معيار موجب مڪمل ڪرڻ ۽ انهن جا فائدا عوام تائين پهچائڻ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ملڪ جي معيشت جو اهم مرڪز آهي ۽ ان جي ترقي سڄي پاڪستان جي معاشي ترقي سان ڳنڍيل آهي. سنڌ حڪومت شهر جي بهتري ۽ شهرين کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري رکندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو