سي ڊي اي جو مولانا کي نوٽيس، حددخليون هٽائڻ جو حڪم

سي ڊي اي جو مولانا کي نوٽيس، حددخليون هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) مولانا فضل الرحمان جي وفاقي راڄڌاني شهر اسلام آباد ۾ واري رهائشگاهه تي غيرقانوني اڏاوتن ۽ حد دخلين جي نشاندهي ڪندي ڪارروائي جو نوٽيس لڳائي ڇڏيو.
سي ڊي اي موجب، گهر ٻاهران سيڪيورٽي گارڊن جا ڪيبن ۽ جنريٽر اٿارٽي جي زمين تي قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گهر جي سيٽ بيڪس واري حصي ۾ پڻ غيرقانوني اڏاوتون ڪيون ويون آهن.
سي ڊي اي مولانا فضل الرحمان کي حددخليون ختم ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي.
نوٽيس ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته مقرر مدي اندر غيرقانوني اڏاوتون ختم نه ڪيون ويون ته عمارت سيل ڪرڻ يا اڏاوتون ڊاهڻ جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
اٿارٽي عمارت جي مالڪ طور امان الله محمد يونس جي نالي نوٽيس جاري ڪيو آهي.
واضح رهي ته 18 مارچ 2019ع تي به مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تان حد دخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.
مولانا فضل الرحمان جي پٽ جو ردعمل
سي ڊي اي جي نوٽيس تي ردعمل ڏيندي مولانا فضل الرحمان جي پٽ مولانا اسجد محمود چيو ته پشاور ۾ ڪور ڪمانڊر جي سامهون حد دخلين جي نشاندهي ڪئي ته ان کانپوءِ انتقامي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون.
هن چيو ته جڏهن نشاندهي تي ڪو جواب نه مليو ته مخالف ڌر وارا ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن.
مولانا اسجد محمود موجب، سيڪيورٽي گارڊ جو ڪيبن هٽائڻ، جنريٽر منتقل ڪرڻ ۽ اضافي رڌڻي جي اڏاوت تي به اعتراض واريا ويا آهن. هن الزام هنيو ته ملڪ جا سمورا ادارا هڪ شخص جي انتقامي جذبن جي تسڪين لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سياسي اختلافن کي ذاتي انتقام ۾ تبديل ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، قوم ۽ جمعيت جا ڪارڪن حالتن کان باخبر ۽ سجاڳ رهن.

پهنجو تبصرو موڪليو