ميرپورخاص ۾ ڀاءُ جي مبينا فائرنگ، ڀيڻ قتل

ميرپورخاص ۾ ڀاءُ جي مبينا فائرنگ، ڀيڻ قتل

ميرپورخاص(ن س )ميرپورخاص ويجهو کاهن واري علائقي ۾ مبينا طور ڀاءُ فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ حاجي علي ڏنو مري ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 30 ورهين جي فرزانه مري مارجي وئي. پوليس موجب جوابدار حاجي خان فائرنگ ڪرڻ بعد واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. مقتولا جي والد جي بيان موجب ٻارن جي ڳالهه تان ڀاءُ ۽ ڀيڻ وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن بعد واقعو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو