وڪيلن کي گاڏين تان مونوگرام ۽ لوگو هٽائڻ جو حڪم

وڪيلن کي گاڏين تان مونوگرام ۽ لوگو هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت وڪيلن ۽ عدالتي عملي کي خانگي گاڏين تان سائيون نمبر پليٽون، سرڪاري مونوگرام ۽ عدالتي لوگو هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس جي هدايتن تي ان حوالي سان سرڪيولر پڻ جاري ڪيو ويو آهي.عدالتي سرڪيولر موجب خانگي گاڏين تان نيريون بتيون، بيڪن، فليشرز، مهرون ۽ غير مجاز اسٽيڪر پڻ هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري عهدو ظاهر ڪندڙ نشانين ۽ جعلي نمبر پليٽن جي استعمال تي به پابندي هوندي، جڏهن ته حڪمن تي عمل نه ڪندڙ گاڏين جي عدالتن ۾ داخلا بند ڪئي ويندي.سرڪيولر موجب ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏين جي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جاري ڪيل سرڪيولر ۾ خانگي گاڏين تان سموريون غير قانوني شيون هٽائڻ لاءِ 7 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو