ڪرپشن، چيني ڪميونسٽ پارٽي مان رڪارڊ 33 ميمبر خارج

ڪرپشن، چيني ڪميونسٽ پارٽي مان رڪارڊ 33 ميمبر خارج

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ پنهنجي سالياني اهم سياسي گڏجاڻي ختم ٿيڻ تي رڪارڊ 33 ميمبرن کي پارٽيءَ مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن جون خالي ڪرسيون به اڳوڻين گڏجاڻين جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ هيون.
ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي پنجين مڪمل اجلاس ۾ 279 ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته آڪٽوبر 2025ع ۾ ٿيل چوٿين اجلاس ۾ 315 ۽ جولاءِ 2024ع ۾ ٿيل ٽئين اجلاس ۾ 364 ميمبر شريڪ ٿيا هئا.
جڏهن ته گذريل اجلاسن ۾ معاشي سڌارن، سماجي معاملن ۽ ترقياتي مسئلن تي ڌيان ڏنو ويندو هو، هن هفتي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ پارٽيءَ جي نظم ۽ ضبط جو معاملو مرڪزي اهميت اختيار ڪري ويو.
شي جن پنگ 2012ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان وٺي ڪرپشن خلاف جنگ کي پنهنجي حڪمرانيءَ جو بنيادي ستون بڻايو آهي. هن ڪرپشن کي پارٽيءَ لاءِ ”سڀ کان وڏو خطرو“ قرار ڏنو آهي.
ڪرپشن خلاف صفائيءَ جي مهم جاري
خميس ڏينهن جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پارٽيءَ مان خارج ڪيل 33 ميمبرن مان 16 جو تعلق فوج سان آهي. اها پڌرائي بيجنگ جي هڪ هوٽل ۾ چئن ڏينهن تائين بند ڪمرن ۾ جاري رهندڙ اجلاس جي پڄاڻيءَ تي جاري ڪئي وئي.
اهو واضح ناهي ته انهن ميمبرن تي ”نظم و ضبط ۽ قانون جي سنگين ڀڃڪڙين“ کان سواءِ ڪهڙا مخصوص الزام آهن. شي جن پنگ جي ڪرپشن خلاف مهم دوران اهڙا وسيع ۽ غير واضح الزام معمول بڻجي ويا آهن.
ڪارنيگي چائنا سان لاڳاپيل غير رهائشي اسڪالر چونگ جا ايان جو چوڻ آهي ته هاڻي اها مهم ”اختيار کي مضبوط ۽ برقرار رکڻ جي ڪوشش“ بڻجي چڪي آهي.
هن چيو ته، ”هن صورتحال ۾ اها مهم جاري رهندي ۽ ان جو دائرو وڌندو رهندو، جنهن جو دارومدار ڪرپشن جي ڪنهن حقيقي مسئلي بدران ان ڳالهه تي هوندو ته شي جن پنگ پاڻ کي ڪيترو محفوظ محسوس ڪري ٿو.“
پارٽيءَ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن ان تلخ حقيقت کي کليل نموني تسليم ڪيو آهي ته پارٽيءَ جي قيادت ڪجهه وقتن تي ڪمزور ٿي وئي يا ان جو اندروني ڍانچو کوکلو بڻجي ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پارٽيءَ اندر سخت خود احتسابيءَ جو عمل جاري رکيو ويندو، جنهن ۾ ”اندروني خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ تي به سخت ڪارروائي“ ڪرڻ شامل آهي، جيئن بدانتظاميءَ تي ضابطو آڻي سگهجي.
تازين برطرفين کان پوءِ شي جن پنگ جي ٽئين دورِ حڪومت ۾ پارٽيءَ مان خارج ڪيل ميمبرن جو ڪل انگ وڌي 51 ٿي ويو آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سندس پهرين دور ۾ 35 ۽ ٻئي دور ۾ پنج ميمبر خارج ڪيا ويا هئا.
پنجين اجلاس کان سواءِ، چين جي ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ اعليٰ ترين نگران اداري ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال جي پهرين نون مهينن دوران پارٽيءَ جي مختلف ادارن ۾ 680,000 ماڻهن خلاف نظم و ضبط جي ڀڃڪڙين تي ڪارروائي ڪئي وئي.
شي جن پنگ جي 14 سالن جي قيادت ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي، جو مرڪزي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ 300 کان گهٽ رهيو. موجوده مرڪزي ڪميٽيءَ 2022ع ۾ پنهنجي مدي جي شروعات 370 کان وڌيڪ ميمبرن سان ڪئي هئي.
مبصرن جو چوڻ آهي ته شي جن پنگ ڪرپشن کي رڳو مالي بدعنواني نه، پر نظرياتي ناپاڪائي ۽، سڀ کان اهم، قيادت سان بي وفائيءَ جي صورت ۾ به ڏسي ٿو.
جنوريءَ ۾ هن اهڙن ”ٻٽي چهري وارن عهديدارن“ خلاف خبردار ڪيو هو، جيڪي ظاهري طور سياسي وفاداريءَ جو اظهار ڪن ٿا، پر اندروني طور حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا.
ڪهڙين اهم شخصيتن کي پارٽيءَ مان خارج ڪيو ويو؟
پارٽيءَ مان خارج ڪيل اعليٰ عهديدارن ۾ شنجيانگ جي اڳوڻي پارٽي سربراهه ما شنگ روئي، فوج جا اڳوڻا اعليٰ جنرل زانگ يو شيا ۽ ليو زن لي شامل آهن.
هن سال انهن کي عهدن تان هٽائڻ بابت جاري ڪيل سرڪاري بيانن ۾ چيو ويو هو ته انهن ”پارٽيءَ جي نظم ۽ ضابطن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي“. عام طور تي اهڙي اصطلاح کي ڪرپشن جي الزامن لاءِ نرم لفظن طور استعمال ٿيندڙ بيان سمجهيو ويندو آهي.
فوج جي اعليٰ قيادت ۾ وڏي پيماني تي ٿيل برطرفيون خاص اهميت رکن ٿيون. ايشيا سوسائٽي پاليسي انسٽيٽيوٽ جي ماهرن نيل ٿامس، لوبسانگ سيرنگ ۽ شينگ يو وانگ انهن برطرفين کي ”پنهنجي نوعيت جو هڪ الڳ ۽ غير معمولي معاملو“ قرار ڏنو آهي.
هنن لکيو ته، ”ان سان فوج جي تنظيمي قيادت ۽ جنگي تياريءَ بابت سنگين سوال پيدا ٿين ٿا، جڏهن ته چين مسلسل جديد ۽ طاقتور فوجي هٿيار متعارف ڪرائي رهيو آهي.“
زانگ يو شيا مرڪزي فوجي ڪميشن جو نائب چيئرمين به هو، جيڪو چين جي هٿياربند فوجن کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ست ميمبرن تي ٻڌل اها ڪميشن هاڻي گهٽجي رڳو ٻن ميمبرن تائين محدود ٿي وئي آهي: شي جن پنگ، جيڪو ان جو چيئرمين آهي، ۽ زانگ شينگ من، جيڪو نائب چيئرمين آهي.
ما شنگ روئي ۽ زانگ يو شيا ٻئي اڳوڻي پولٽ بيورو جا ميمبر هئا. انهن جي برطرفيءَ سان گڏ 2025ع ۾ اڳوڻي جنرل هي وي ڊونگ کي هٽائڻ کان پوءِ طاقتور 24 رڪني پولٽ بيورو جا ميمبر هڪ وقت ۾ گهٽجي 21 رهجي ويا هئا.
پنجين اجلاس ۾ زانگ شينگ من کي پارٽيءَ جي اعليٰ ترين فيصلا ڪندڙ اداري ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن سان پولٽ بيورو جي ميمبرن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو.
اڳوڻي مشهور سفارتڪار ليو جيان چائو جو نالو به برطرف ڪيل شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هو گذريل سال جولاءِ کان عوامي منظر تان غائب هو.
چونگ جو چوڻ آهي ته، ”شي جن پنگ کي انهن ماڻهن کي هٽائڻ ۾ به ڪو خاص اعتراض ناهي، جن کي هن پاڻ اڳتي آندو هو.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”بغير ڪنهن وڏي مخالفت جي پنهنجي مرضيءَ سان اهڙا فيصلا ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت سندس اقتدار جي پوزيشن کي چئلينج ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي.“
مستقبل لاءِ شي جن پنگ جا منصوبا
تجزيه نگارن جو خيال آهي ته پارٽيءَ جي نظم ۽ ضبط تي وڌندڙ زور، جنهن کي ڪيترائي مبصر وفاداريءَ سان ڳنڍين ٿا، ان جو هڪ اهم سبب ايندڙ سال ٿيندڙ پارٽي ڪانگريس آهي، جتي چيني ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي ايندڙ اڳواڻ بابت ٻيهر فيصلو ڪندي.
2027ع ۾ پارٽيءَ جي قيادت ۾ تبديليءَ جو مرحلو اچڻو آهي، پر ڪيترن ئي تجزيه نگارن کي اميد آهي ته شي جن پنگ چوٿين دور ۽ ان کان پوءِ به اعليٰ عهدي تي برقرار رهندو.
چيني ڪميونسٽ رياست جي باني مائو زي تنگ کان سواءِ ڪنهن به اڳواڻ ايتري ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾ رهڻ جو رڪارڊ قائم نه ڪيو آهي.
نيل ٿامس جو چوڻ آهي ته موجوده مرڪزي ڪميٽيءَ جي ڪيترن ئي عهديدارن جي زوال کان پوءِ شي جن پنگ وٽ اهو سبب موجود آهي ته هو ايندڙ قيادت ۾ شامل ٿيڻ وارن امڪاني اميدوارن جي وڌيڪ سخت ڇنڊڇاڻ ڪري.
هن چيو ته، ”اڄڪلهه تيزيءَ سان اڳتي وڌندڙ سياسي شخصيتون نسبتاً نوجوان آهن، ٽيڪنيڪي ۽ ماهراڻي تعليم رکن ٿيون ۽ شي جن پنگ جي سياسي نيٽ ورڪ سان سندن لاڳاپا آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته صوبائي سطح تي قيادت جا عهدا ايندڙ اڳواڻن کي ڳولڻ لاءِ هڪ اهم هنڌ ٿي سگهن ٿا.
مبصرن جو چوڻ آهي ته آخرڪار اميد آهي ته شي جن پنگ 21هين پارٽي ڪانگريس ۾ اهم عهدن لاءِ ماڻهن جي چونڊ تي مڪمل بالادستي قائم رکندو. ان سان پارٽي ۽ ملڪ تي سندس گرفت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
چونگ جو چوڻ آهي ته، ”شي جن پنگ جو ڌيان اقتدار کي وڌيڪ پنهنجي چوڌاري مرڪوز ڪرڻ تي آهي. اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو مستقبل ۾ به چين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪز ۾ رهڻ جو ارادو رکي ٿو.“
هن خبردار ڪيو ته، ”بهرحال، مستقبل ۾ اقتدار جو اهڙيءَ طرح هڪ شخص جي چوڌاري گڏ ٿيڻ سان ان وقت وڌيڪ سنگين اقتداري خال پيدا ٿي سگهي ٿو، جڏهن شي جن پنگ پوڙهو ٿيندو ۽ سندس ڪم ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجڻ لڳندي.“

پهنجو تبصرو موڪليو