رياست بابت ڏنل بيان قبولڻ جوڳا ناهن: راڻا ثناءُ الله

رياست بابت ڏنل بيان قبولڻ جوڳا ناهن: راڻا ثناءُ الله

(اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان، مولانا عطاءُ الرحمان ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جو احترام آهي، پر رياست ماءُ جو درجو رکي ٿي ۽ ماءُ بابت نازيبا لفظن جي مذمت ڪرڻ گهرجي. راڻا ثناءُ الله چيو ته مولانا فضل الرحمان جي لڳاتار بيانن سان قوم کي تڪليف پهتي آهي. شهيدن بابت به ڳالهائيندي احتياط ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته رياست بابت ڏنل بيان قبولڻ جوڳا ناهن.هن چيو ته سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو هو ته جيڪڏهن رياست اهڙو رويو نه رکي ته هو ڪجهه نه چوندا. جڏهن رياست کي ماءُ جو درجو ڏنو ويو آهي ته پوءِ اهڙا لفظ استعمال نٿا ڪري سگهجن. ٿورو عرصو اڳ شهيدن بابت به اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون ويون هيون. ذاتي انا کي اجتماعي انا ۽ مفاد تي حاوي نه ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته سمورا معاملا سپريم ڪورٽ آڏو رکيا ويا آهن. جيل ۾ ڏنيون ويندڙ سهولتن بابت خود لاڳاپيل ڌر جي وڪيل به سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو هو. عدالت ۽ کين ڏنل رپورٽ ۾ ڪو به فرق نه هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته نورين نيازي جيل ۾ ان ڪري آهي، جو هوءَ ماڻهن کي ڀڙڪائي رهي هئي. سندس طبيعت خراب ٿيندي ئي کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن دعويٰ ڪئي ته نورين نيازي جون سموريون طبي رپورٽون درست آيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي عدالت ۾ وڃي رليف حاصل ڪرڻ گهرجي. نورين نيازي اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ ۽ انتشار پکيڙڻ چاهي پئي، جنهن سبب هوءَ جيل ۾ آهي. راڻا ثناءُ الله جي تقرير دوران سينيٽر مشال يوسفزئي احتجاج پڻ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو