(اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، گهرو وزير ايوان ۾ اچي ميمبرن کي بريفنگ ڏئي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن کي درخواست ڪئي ته اوهان وٽ جيڪا طاقت آهي، ان کي استعمال ڪرڻ شروع ڪريو. هن چيو ته اپوزيشن کي پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ذميواري کڻڻي پوندي. اوهان فنانس ڪميٽيءَ ۾ نه ويهندا ته ان سان پارليامينٽ جي ڪردار ۾ ڪمزوري پيدا ٿيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ طاقتور هوندي ته اسان سڀ طاقتور هونداسين. حڪومت جون به ذميواريون آهن، جن کي کيس پورو ڪرڻ گهرجي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن ليڊر پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ته پنهنجي ميمبرن کي ڪميٽين ۾ ويهاري. اسان چونڊ سڌارن بابت ڪميٽي ٺاهيون ٿا، پر جيڪڏهن اپوزيشن ان ۾ شريڪ ئي نه ٿيندي ته پوءِ اهڙي ڪميٽيءَ جو ڪهڙو فائدو؟










