سپريم ڪورٽ بار چونڊون، ڪراچي ۾ پولنگ دير جو شڪار

سپريم ڪورٽ بار چونڊون، ڪراچي ۾ پولنگ دير جو شڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي 2026-27ع لاءِ سالياني چونڊن ۾ لاهور اندر پولنگ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ پولنگ دير جو شڪار ٿي وئي آهي.لاهور ۾ سپريم ڪورٽ بار جي سالياني چونڊن لاءِ ووٽنگ جاري آهي. ملڪ مان مجموعي طور 4 هزار 634 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجو حقِ راءِ استعمال ڪندا. ڪراچي ۽ لاهور ۾ پولنگ شام 5 وڳي تائين جاري رهندي، جڏهن ته منجهند هڪ وڳي مانيءَ جو وقفو ٿيندو.ڪراچي ۾ پريزائيڊنگ آفيسر اشتياق ميمڻ موجب، اليڪشن ڪميشن جو عملو پولنگ ايجنٽن جو انتظار ڪري رهيو آهي. پولنگ ايجنٽن جي موجودگيءَ ۾ بيلٽ جو سامان کوليو ويندو، جنهن کانپوءِ ووٽنگ شروع ٿيندي. ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نيو بار روم ۾ پولنگ ٿيندي.پريزائيڊنگ آفيسرن طور سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين اشتياق ميمڻ ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر امير بخش ميتلو کي مقرر ڪيو ويو آهي.صدر جي عهدي لاءِ انڊيپينڊنٽ گروپ جي سيد امجد علي شاهه ۽ پروفيشنل گروپ جي سردار امان الله خان وچ ۾ مقابلو آهي.سيڪريٽري جي عهدي لاءِ انڊيپينڊنٽ گروپ جي عارف اعوان ۽ پروفيشنل گروپ جي ميان عرفان اڪرم آمهون سامهون آهن، جڏهن ته ايڊيشنل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ قاضي شهريار اقبال ۽ سائره خالد راجپوت وچ ۾ مقابلو ٿيندو.فنانس سيڪريٽري جي عهدي لاءِ محمد تنوير چوڌري ۽ راءِ اظهر اقبال کرل وچ ۾ مقابلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو