ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪترينا ڪيف پنهنجي مڙس اداڪار وڪي ڪوشل جي تعريف ڪندي کيس بهترين مڙس ۽ شاندار پيءُ قرار ڏنو آهي.ڪترينا ڪيف تازو ئي ووگ ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ پٽ جي پيدائش کانپوءِ پنهنجي مڙس وڪي ڪوشل جي رويي بابت ڳالهايو. هن ٻڌايو ته وڪي ڪوشل ننڍي عمر ۾ ئي غيرمعمولي سمجهه ۽ ساڃاهه رکي ٿو، خانداني قدرن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ايمانداري کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي ٿو. اداڪارا دلچسپ انداز ۾ چيو ته وڪي ڪوشل عملي طور سمجهدار آهي، جڏهن ته مان نظرياتي طور سمجهدار آهيان. هن چيو ته وڪي ڪوشل جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو مون کي پنهنجي شخصيت موجب زندگي گذارڻ جي آزادي ڏئي ٿو ۽ منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ٿو. پٽ ويهان سان وڪي ڪوشل جي رشتي بابت ڳالهائيندي ڪترينا ٻڌايو ته وڪي روزانو 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ باوجود گهر موٽي کيس ۽ پٽ کي پورو وقت ۽ ڌيان ڏئي ٿو، جيڪا ڪنهن غيرمعمولي خوبي کان گهٽ ناهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پٽ جي پيدائش کانپوءِ سندن رومانوي ڊنر ۽ فلمون ڏسڻ جون راتيون في الحال گهٽجي ويون آهن، پر وڪي کيس يقين ڏياريندو رهي ٿو ته وقت سان گڏ اهي معمول ٻيهر سندن زندگيءَ جو حصو بڻجي ويندا. واضح رهي ته ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل 9 ڊسمبر 2021ع تي شادي ڪئي هئي، جڏهن ته نومبر 2025ع ۾ سندن گهر پٽ جي پيدائش ٿي. جوڙي پنهنجي پٽ جو نالو ويهان ڪوشل رکيو آهي.










