ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 150هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان جي ٽن اڳوڻن ڪپتانن ظهير عباس، وسيم اڪرم ۽ وقار يونس کي دعوت ڏني وئي آهي.ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 150هين سالگرهه تي آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون هڪ تاريخي ٽيسٽ ميچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ ايندڙ سال 11 کان 15 مارچ تائين ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي. ڪرڪيٽ آسٽريليا ان تاريخي ميچ جي موقعي تي مختلف تقريبون پڻ منعقد ڪندو، جڏهن ته ميچ ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان مهمانن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن. ذريعن موجب، دنيا جي ٻين ملڪن جي اڳوڻن ڪپتانن ۽ نامور رانديگرن کي پڻ هن تاريخي ٽيسٽ جي موقعي تي دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته آسٽريليا ۽ انگلينڊ جا اڳوڻا ۽ عمر رسيده ڪرڪيٽر به تقريب ۾ شرڪت ڪندا. ڪرڪيٽ آسٽريليا هن يادگار موقعي تي مختلف تقريبن سان گڏ خاص طور تي تيار ڪيل يادگاري سووينئرز پڻ پيش ڪندو.










