اسڪواش جي ڪوارٽر فائنل ۾ نور زمان کي شڪست

اسڪواش جي ڪوارٽر فائنل ۾ نور زمان کي شڪست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ڪپ اسڪواش ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جي رانديگر نور زمان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ ٽين سيڊ مصر جي محمد الشورباگي نور زمان کي 1-3 تان هارائي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.ٻنهي رانديگرن وچ ۾ دلچسپ ۽ سخت مقابلو 67 منٽن تائين جاري رهيو.ايونٽ ۾ پاڪستان جو ٻيو رانديگر عشب عرفان سڀاڻي ڪوارٽر فائنل کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو