ريپ ڪيس، رشوت جي الزامن بعد جج جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار

ريپ ڪيس، رشوت جي الزامن بعد جج جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار

لاهور(ويب ڊيسڪ)آذربائيجاني عورت سان اجتماعي زيادتيءَ واري ڪيس ۾ اهم جوابدار احمد تنوير جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻيءَ کان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج (اي ڊي اينڊ ايس جي) رفاقت علي گوندل اڱاري ڏينهن پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ڪارروائيءَ لاءِ معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
ان کان اڳ جوابدار جي وڪيل صفدر شاهين پيرزادي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته سندس موڪل کي ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ ڏني وڃي.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جي عبوري ضمانت 27 آڪٽوبر تي ختم ٿي وئي هئي، پر هو هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ٿيڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.
هن چيو ته احمد ٻئي ڪيس جي سلسلي ۾ 14 ڏينهن واري سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل ۾ آهي. وڪيل عدالت کان درخواست ڪئي ته درخواستگذار ۽ جوابدار کي هڪ ٻڌڻيءَ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ ڏني وڃي.
بهرحال، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج رفعت علي گوندل معاملي جي ٻڌڻي ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي. جج وڪيل کي ٻڌايو ته هن معاملي بابت هڪ ريفرنس تيار ڪري وڌيڪ ڪارروائيءَ لاءِ هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز گذريل هفتي هن ڪيس جو نالو وٺڻ کان سواءِ الزام هنيو هو ته زيادتيءَ جي هڪ تازي ڪيس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار جي امير گهراڻي مبينا طور متاثر عورت کي سندس الزام واپس وٺڻ جي عيوض وڏي رقم ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جيتوڻيڪ عورت جو بيان اڳ ئي قلم 164 تحت رڪارڊ ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته ”اهو الزام پڻ لڳايو ويو ته جوابدار کي ضمانت ڏيندڙ جج کي به رشوت ڏني وئي هئي.“
ڊفينس سي سيڪشن پوليس آذربائيجاني عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو. عورت ٽن ڄڻن تي مٿس اجتماعي زيادتي ڪرڻ جو الزام لڳايو هو. هن ڏوهه ۾ مدد ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن عورتن کي به نامزد ڪيو هو.
هاڻي پنج ئي جوابدار، مرد توڙي عورتون، پوليس جي تحويل ۾ آهن.
ڪجهه ٽي وي چينلز آذر بائيجان جي متاثره عورت جي حوالي سان اها خبر به هلائي هئي ته هو ڪيس جي وڌيڪ پيروي ۾ دلچسپي نٿي رکي ۽ جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو