هٿيارن جي زور تي شهرين کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو وائرل

هٿيارن جي زور تي شهرين کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو وائرل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس ۾ ڪار سوار ماڻهن پاران هٿيارن جي زور تي شهرين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن مذاق اڏائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڪار ۾ سوار ماڻهن کي هٿيار ڏيکاري رستي تان ويندڙ شهرين کي ڊيڄاريندي ۽ سندن مذاق اڏائيندي ڏسي سگهجي ٿو. سنڌ جي گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سائوٿ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گهرو وزير وڊيو جي صداقت ۽ واقعي جي حقيقتن بابت مڪمل جاچ ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو