ڪي پي  ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

ڪي پي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ مڪاني چونڊن بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي لاڳاپيل ونگ کي چونڊن جو شيڊيول پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. حڪم نامي موجب، جن ضلعن ۾ تڪبنديون مڪمل ٿي چڪيون آهن، اتي مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، جڏهن ته جن ضلعن ۾ اڃا تڪبنديون نه ٿيون آهن، اتي تڪبندين جو شيڊيول جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي حڪم نامي موجب، خيبرپختونخوا جي 12 قبائلي ضلعن ۾ في الحال تڪبنديون ۽ مڪاني چونڊون نه ڪرايون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو