شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) رستم چوڪ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد. تفصيل موجب شڪارپور جي علائقي رستم چوڪ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس موجب شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ نهال بروهي جيئ نالي سان ٿي آهي. واقعي بعد حملي آور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته شهيد پوليس اهلڪار جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس واقعي جي اطلاع ملندي ئي وڏي نفري طلب ڪري ورتي ۽ علائقي ۾ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب شروعاتي طور واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.










